دريا خان مري ڀرسان نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر، هٿياربند فائرنگ ڪندي فرار

دريا خان مري  (ن ع آ) دريا خان مري کان ڳوٺ نور محمد صدر ويندڙ ڳوٺاڻي واحد بخش بروھي کان نامعلوم ڦورو سي ڊي موٽر سائيڪل روڪ رقم ۽ قيمتي سامان ڦر ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي جڏھن ته موٽر سائيڪل ڦر ٿيڻ جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻا ۽ علائقي واسي پڻ واقعي واري ھنڌ پھتا ۽ موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ڦورن جو پيڇو ڪيو مگر ڦورو آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

ٽنڊي غلام علي ۾  بيڪري جي سيل مين کان هزارين رپيا ۽ موبائيل ڦر

ٽنڊو غلام علي (ن.ع.آ) ڪپري موري لڳ ڳوٺ علي محمد نوهيڙيو لنڪ روڊتي سنجر چانگ جي بيڪري جي سيلز مين صدام حسين پهنورکان ٻن آڻڄاتل  موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن پاران مارڪٽ ڪري هزارين روپين جي ڪيش سميت موبائيل فون ڦر ڪندڙڏوھارين بابت ڪو به پتو نه پئجي سگهيو پوليس ڏوهاري پڪڙڻ۾ ناڪام علائقي واسين ۾ خوف ڇانيل آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.