لاڙڪاڻي ۾ پلاٽ معاملي تان صحافي شاهه محمد جوڻيجي مٿان حملو، زخمي، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي پلاٽ جي معاملي تان هٿياربندن جي حملي ۾ صحافي شاهه  محمد جوڻيجو زخمي ٿي پيو اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو جنهن تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي اين سي داخل ڪرائي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان صحافي شاهه محمد جوڻيجو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته لُهر برادري جي بااثر هٿياربندن پلاٽ جي معاملي تان مون مٿان اسٽيشن روڊ تي حملو ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هن چيو ته ڄاڻايل پلاٽ جا اصل ڪاغذ مون وٽ موجود آهن.  ۽ اهڙو ڪيس پڻ لاڳاپيل عدالت ۾ هلندڙ آهي پر ان جي باوجود پلاٽ جي مالڪي ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مون مٿان اهڙو حملو ڪري حراسان ڪرڻ سان گڏ ڌمڪايو پيو وڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملي ۾ ملوث بااثر هٿياربندن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

موري ۾ ٻٽو قتل ڪندڙ جوابدار کي 25 سال قيد جي سزا

مورو (ت ر)موري ويجھو ڪچي جي ڳوٺ احمداڻي لغاري ۾ 3 سال اڳ منظور علي لغاري ۽ سليمان لغاري کي گوليون ھڻي قتل ڪرڻ جي ڏوھه ۾ ايڊيشنل سيشن جج نديم احمد پٺاڻ جي عدالت غلام مصطفيٰ مري کي ڪيس ثابت ٿيڻ تي 25 سال سزا ٻڌائي ڇڏي جنھن کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.