ماٿيلي لڳ عورت ڪاري قرار، منهن ۾ گوليون هڻي قتل

ميرپورماٿيلو( ن ع آ) ميرپور ماٿيلو لڳ مڙس مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي پنھنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو،جوابدار فرارتفصيل موجب:ميرپورماٿيلو لڳ جي ڳوٺ پپري جلباڻي ۾ رات جوابدار  اصغر جلباڻي پنهنجي گھر واري ڇھن ٻارن جي ماء امام زادي کي مبينا ڪارنهن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو،واقع بعد جوبدار فرار ٿي ويو،اھڙي اطلاع تي ميرپور ماٿيلو پوليس واقع واري ڳوٺ پھچي عورت جو لاش کڻائي ڊسٽرڪٽ ھيڊڪوارٽر اسپتال ميرپورماٿيلو مان ضروري ڪاروائي بعد عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو، ان سلسلي ۾ علائقي ۾ چوٻول آھن ته ڄاڻايل جوابدار پاران عورت کي برادري جي ھڪ شخص سان ڪارنھن جو الزام مڙھي منھن ۾ گوليون ھڻي کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، عورت کي جوان ٻن پٽن سان گڏ ٻن معصوم نياڻين سميت 4 ڌيئرن جي به اولاد آھي، خبر لکائڻ تائين واقع جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.