سيوهڻ ۾ رند برادري جي تڪرار جو جرڳو، 3 لک ڏنڊ مقرر

سيوهڻ ( ن ع آ ) سيوھڻ جي رند برادري جي 2 ڌرين رئيس ممتاز علي رند ۽ رضا محمد رند جي وچ ۾ ھلندڙ وقت زميني تڪرار  ۽ اغوا جو نبيرو ڪالهھ نوحاڻي برادري جي چيف سردار حاڪم  علي خان نوحاڻي جي سرپئنچي ۾ نوحاڻي ھائوس سيوھڻ ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ فيصلي جي سرپئنچ  اغوا جي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ ۽ فرزانا رند پاران ٻئي ڌر خلاف ميڊيا تي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪرڻ تي رضا محمد رند جي ڌر کي ڏوھي قرار ڏيندي سندن مٿان 3 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو ۽ تڏو ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڏنو ويو. جڏهن ته باقي رفيق رند ۽ رضا محمد رند جي زمين جو فيصلو رئيس محمد ايوب خان رند جلد ڪندو جيڪو فيصلو ٻنهي ڌرين جي قبول ڪري ورتو جنهن کان پوءِ  سردار حاڪم خان نوحاڻي دعا گهري ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي کيرطکنڊ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سردار حاڪم خان نوحاڻي ڌرين کي خطاب ڪندي کين ھدايت ڪئي ته سنڌ جا ماروئڙا ڦڏن ۽ فسادن کان پاسو ڪن جيڪڏهن ڪنهن سان اڻ بڻت يا تڪرار ٿئي ته ڌرين کي گهرجي ته فوري طور ڪنهن نيڪ مرد وٽ ويهي تڪرار ختم ڪري پاڻ ۾ ڀائرن ٿي رهن، ڇاڪاڻ ته اسين سنڌ جا ماڻھو امن پسند قوم آهيون.  ان ڪري سنڌي قوم کي گهرجي ته ھو صورتحال ۾ ايڪي ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.