لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻارن ۽ عورتن سميت 30 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 14 ٻارن ۽ 5 عورتن سميت 30 ڄڻن کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 4 سالن جو رحمٰن پٽ نورالدين، 4 سالن جو عادل پٽ عبدالقادر، 5 سالن جي عليزه بيبي ڌيءَ مشتاق علي، 5 سالن جو زين عباس پٽ محمد رضا، 6 سالن جي ريما بيبي علي احمد، 6 سالن جو سمير پٽ علي حسن، 7 سالن جي بختاور بيبي ڌيءَ رابيل، 7 سالن جو شهمير پٽ شاھنواز، 7 سالن جو عبدالله پٽ مختيار علي، 8 سالن جو قمر الدين پٽ علاءُ الدين، 10 سالن جي امبرين بيبي ڌيءَ پروان علي، 10 سالن جو نعمت پٽ ياسين، 12 سالن جي نصرت ڌيءَ بخشل علي، 16 سالن جي ڪومل پٽ تيمور علي، 17 سالن جو غلام عمر پٽ راجن خان، 28 سالن جو عبدالخالق پٽ عبدالحق، 31 سالن جو رجب زاهد پٽ روشن، 35 سالن جي فهميده خاتون زال گل بهار، 38 سالن جي ڪاميه خاتون زال گهنور علي، 40 غلام نبي پٽ محمد مراد، 42 سالن جو نثار پٽ حاجي خان، 50 سالن جي عجيبان خاتون زال منور علي، 50 سالن جو غلام الله پٽ محمد پريل، 50 سالن جو محمد پريل پٽ محمد صديق، 52 سالن جو غلام محمد پٽ لال محمد، 55 سالن جو الھ ڏنو پٽ محمد مراد، 66 سالن جو محمد بچل پٽ غلام محمد، 70 سالن جو عبدالرشيد پٽ امداد علي ۽ 74 سالن جو شمن خان پٽ شير محمد  شامل آهن.  سمورن زخمين کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو ويو. سينٽر انتظاميه موجب رولو ڪتن جي چڪ سبب زخمي ٿيل متاثرن جو واسطو لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس جي علائقن سان آهي، سينٽر آيل سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ڀرسان پير شير واري علائقي جي ڳوٺ پيارو خان لھر ۾ رولو ڪتن حملو ڪري 9 سالن جي نينگر شهيمر پٽ شاهنواز لُهر کي ڏاڙهي رتورت ڪري ڇڏيو جنهن کي سندس پيرسن پيءُ زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو جتي سينٽر انتظاميه طرفان زخمي نينگر کي ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.