غوثپور( ن ع آ ) شھر ۽ ڀرپاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڇتن ڪتن رڻ ٻاري ڏنو۔ ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارن سميت وڌيڪ اٺ ڄڻه ڏاڙھجي زخمي ٿي پيا۔۔سڀني متاثرن کي رورل ھيلٿ سينٽر غوثپور ۾ وئڪسين لڳرائي گھر روانو ڪيو ويو۔۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب غوثپور ۽ ڀر پاسي جي مختلف ڳوٺن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن عوام کي خوف ۾ مبتلا ڪري گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي۔ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شھر جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪتن جي ڏاڙھجڻ جا اٺ مختلف مريض وئڪسين لا۽ وارثن سان پھتا آھن ۔ اھڙن متاثر مريضن ۾ اختيار علي اوڳاھي۔ دلمراد اوڳاھي۔ بابل ملڪ۔ مسمات ھير خاتون اوٺو۔ محمد يحيا ڀيو۔ صدورو شيخ ۽ محتيار احمد شامل آھن جن کي ڇتن ۽ رولو ڪتن ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو۔ ٻئي پاسي علائقي جي سياسي ۽ سماجي حلقن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي کان مطالبو ڪيو آھي ته رولو ڪتن جو آزار ختم ڪرائي عوام کي تڪليفن کان بچايو وڃي۔ .