خير محمد آريجا ۾ ڪتن جو آزار، 7 ٻارڙا ڏاڙهجي ويا

خير محمد آريجا (ن ع آ)خير محمد آريجا قلندرآباد ۽ رمضان سهڙو جي 7 معصوم ٻارڙن جنهن ۾ زبير احمد، شيراز حسين، راشده خاتون  ۽ ٻين کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو، معصوم ٻارڙن جون زندگيو داءُ تي لڳل آهن. ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻن اڳوڻي ڪائونسلر شفيع محمد بروهي، محمد اويس سهڙو ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته افسوس آهي جو تعلقي اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا ڪروڙين جي لاڳت سان ٺهي تيار ته ٿي آهي پر رولو ڇتن ڪتن جي وئڪسين سميت ڪافي سهولتن جي کوٽ آهي هڪ پاسي مهانگائي غريبن جا لاهھ ڪڍي ڇڏيا آهن ته ٻئي پاسي بيروزگاري غريب ماڻهن کان جيئڻ جو جنجال ڪري ڇڏيو آهي، غريب ماڻهو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن ته ڇتي ڪتي جي وئڪسين ڪرائڻ لاءِ غريب ماڻهو هزارين رپيا ڪرايا ڀاڙا ڀري لاڙڪاڻي وڃن ٿا اسان ڊي سي لاڙڪاڻو هيلٿ انتظاميا سميت اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿا ڪيون ته تعلقي اسپتال باقراڻي ايٽ آريجا ۾ ڇتي ڪتي جي وئڪسين سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.