ميهڙ لڳ پسند پرڻي تان ڪاهه، نوجوان اغوا بعد گوليون هڻي قتل

ميهڙ ( رپورٽ: جميل مهيسر ) ميهڙ ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي ميهڙ جي حد  ڳوٺ بهاول ڳورڙ ۾ ڳورڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن ديدار پٽ مريد ڳورڙ جي گهر ۾ داخل ٿي گهر مان کيس  اغوا ڪري ڳوٺ ٻاهران زرعي زمين ۾ فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو لاش تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو  معلوم ٿيو آھي ته  ڳورڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ هڪ سال اڳ پسند جي پرڻي تان تڪرار ٿيو هيو جنهن دوران هڪ سال اڳ جنهن جو ٻنهي ڌرين ۾ راڄوڻي نبيري دوران پيل ڏنڊ جي رقم به ادا ڪئي وئي هئي جاري تڪرار بعد اڄ  جوابدارن پاران ڪاروائي ڪئي وئي آھي جنهن دوران گهر مان هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري کيس قتل ڪيو ويو آھي جڏھن ته خبر موڪلڻ تائين ميهڙ ٿاڻي تي وارثن فرياد داخل نه ڪرائي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.