رسول بخش درس قوم ۾ اتساهه جو وسيلوهو: تاج جويو

حيدرآباد (پ ر ) رسول بخش درس ۾ سنڌي ڪلچر جا سڀ گڻ ھئا.ھو سراپا سنڌي ماڻهو ھو،ھن ۾ سنڌيت جو ھڳاء ھو.ھو مھمان  نوازي ،رواداري،سھپ، راڳ جي ڇاڻ ۽ حبالوطنيء جو مجسمو هو.پارس حميد ساهتيءَ جي سونھن ۽ نثري نظم جو اھم شاعر هو ۽ امين مگسي سنڌي ادبي سنگت جي اتحاد جي علامت جو.اھڙو اظھار نامياري اديب ادريس جتوئي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس۾ ڪيو.تاج جويي چيو ته پارس حميد جيون جي مٽجڻ اس ۾  نم جي ڇانو جھڙو شخص،ماٺيڻوپر خلوص،محبتي ۽ سٻاجهو انسان ھو.رسول بخش درس جو وڇوڙو دل ۾ وڍ وجھندڙ ھو.ھو اديبن شاعرن راڳين ۾ قومي ڪارڪنن لاءِ اتساھ جو وسيلو ھو.امين مگسي مشڪل وقت ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت کي فعال رکيو،تاريخدان ۽ اسڪالر شخص ھو.عبدالله ڪوهستاني چيو ته رسول بخش درس ڪوھستان جي ڌرتيءَ تي شعور جو سج اڀاريو ھو.ھن شاعرن ڪهاڻيڪارن ۽ ڪلاڪارن جي ھميشه رھنمائي ۽ ھمت افزائي ڪئي.مولا بخش محبتي چيو ته پارس حميد ٿوري شاعري ڪئي ليڪن معياري شاعري ڪئي.ھن سان ذاتي ڪچهري به ٿيندي رهي.ادبي مسئلن جي بحث ۾ اسان جي رھنمائي ڪندا رھيا.رسول بخش درس سنڌي ادبي سنگت کي ڏکئي وقت۾سھارو ڏنو.امين مگسي ادبي سنگت جو سچو۽ جفاڪش ڪارڪن هو.سليم چنا چيو ته پارس حميد ھمت ۽ حوصلي وارو شخص هو. .ھن نثري نظم لکي پنھنجي سوچ ۽ لوچ کي فڪري ۽ فني ڪاريگريءَ سان سنواريو ھو.شفيع چانڊيي چيو ته اسان جا وڇڙيل وڏا تخليقڪار ھئا. رسول بخش درس سيد جو عاشق هو.طارق امام جوڻيجي چيو ته پارس حميد،رسول بخش درس۽ امين مگسي سنڌي ادب جا سونهان ھئا.گلشير ڪوريجي۽ مڪيش بارٿاڻيء رسول بخش درس ۽ پارس حميد تي لکيل تاثرات پڙھيا.طالب ڀنڀري ڪلاسيڪي ڪلام ڳائي تخليقڪارن کي ڀيٽا پيش ڪئي.علي اڪبر شائق پارس حميد کي غزل ڀيٽا طور پيش ڪيو.تعزيتي ريفريش۾ پروفيسر نظير ملڪاڻي، واحد ڪانڌڙي،ابداش پنھور،عبدالطيف ملاح ۽ ٻين ويچار ونڊيا.آخر ۾ ٽنھي تخليقڪارن جي بخشش ۽ بلند مرتبي لاءِ دعا گهري وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.