پٺتي پيل طبقا استحصال جو شڪار آهن:امداد قاضي

مٺي(بيورو رپورٽ)سنڌ ۾ ايڪويهين صدي ۾ به ارڙهين صدي وانگر هارين ۽ پٺتي پيل جاتين سان ظلم ۽ زيادتي ٿي رهي  آهي،اُنهن جو بدترين معاشي،سماجي ۽ سياسي استحصال ٿي رهيو آهي،نام نهاد جهموريت جي نالي ۾ هارين ۽ عام ماڻهو کي ڌمڪائي پيرين ۽ مولوين معرفت ووٽ وٺي اسيمبلين ۾ پهچي اُنهن جي خلاف ئي فيصلا ڪري اُنهن تي پنهنجي حاڪميت کي مضبوط ڪري رهيا آهن،اهڙن خيالن جو اظهار ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي اسلام ڪوٽ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،ڪامريڊ امداد قاضي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مارشلا هجي يا وڏيرڪي ۽ سرمائيدارنه جهموريت،پر هارين،مزدورن ۽ عام ماڻهن جي زندگي ۾ ڪنهن به قسم جي سڌاري جي اُميد رکڻ نه گُهرجي،البته سول حڪومت سان ٿوري گهڻي سياسي آزادي ملي ٿي،هاڻي واري هائبرڊ جهموريت ۾ صحافتي آزادي کي مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي. ،قومن جي حقن،انساني حقن ۽ مهانگائي،بيروزگاري خلاف احتجاج ڪندڙن کي بغير عدالت ۾ پيش ڪئي کنڀي گم ڪري اڪثر جا لاش ويران جڳهن تي ڦٽا ڪيا پيا وڃن،ٿر ۾ ڪچي شراب،گٽڪي ۽ ٻئي نشي آور شين جو ڪاروبار چوٽ چڙهيل آهي،انتظاميا،پوليس ۽ ادارا جيڪي سرحدي علائقي هئڻ ڪري چپي چپي تي ويٺل آهن پر اُنهن خلاف نشي جي ڪاروبار ڪندڙن کي ڪوئي به روڪڻ لاءِتيار ناهي،هارين ۽ ملازمن کي وياج خورن قرض ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي،اسين سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ ڪميونسٽ وارٽي طرفان ڀرپور جدوجهد ڪنداسين ۽ هارين کي نجات ڏيارينداسين،ڪامريڊ امداد قاضي سان گڏ پنجاب کان آيل پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ صديق بيگ،راناشوڪت،گلت بلتستان کان شبير معيار،بختونخواھ کان فريد الله ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي صدر پروفيسر منورٽالپر،نائب صدر ڪامريڊ ديال ميگهواڙ،جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرو مل،جوائنٽ سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال به گڏ هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.