حيدرآباد ۾ چوري الزام هيٺ عورت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

حيدرآباد(رپورٽر)حيدرآباد پوليس چوري ڪرڻ جي الزام ۾ عورت کي گرفتار ڪري هزارين  روپيا روڪ، سونا زيور، انعامي بانڊ پڻ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته ايس ايس پي حيدرآباد ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيو آهن ته  15 ڏينهن اندر ڏوهارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن به ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ٿيو ته ان علائقي جي ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز خلاف اداراتي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان سلسلي ۾ پوليس جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪينٽ پوليس ڪارروائي ڪري گهرن مان چوري ڪندڙ عورت کي ڦر ڪيل سامان ۽ روڪ رقم سميت گرفتار ڪيو آهي.پوليس موجب ڪينٽ پوليس نازيه عرف ناديه عرف مسڪان ڌيءَ الله رکيو ملڪ کي گرفتار ڪيو، جيڪا هڪ هفتو اڳ الرحيم شاپنگ سينٽر جي رهائشي محمد نبيل خان جي فليٽ مان چوري جي وارڌات ڪئي، جنهن ۾ روڪ رقم، انعامي بانڊ، سونا زيور، موبائل فون ۽ ٻيو سامان شامل آهي، جنهن جي ماليت 2 جي لڳ ڀڳ آهي. جڏهن ته ڄاڻايل عورت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار عورت ان کان اڳ حيدرآباد شهر جي مختلف ٿاڻن جي حد ۾ چوري ڪيسن ۾ چالان ٿيل آهي. هوڏانهن ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو پنهنجي حدن ۾ 15 ڏينهن اندر ڏوهارين ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪري خاتمو آندو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهه ٿيو ته ان ايس ايڇ اوز خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.17

ڳڙهي ياسين لڳ چوري دوران فائرنگ، ڀاڳيو ۽ 2 چور زخمي

ڳڙهي ياسين  (رپورٽ  شهمير علي جمالي ) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ نوشھرو ابڙو ۾ ڀاڳين ۽ چورن ۾ فائرنگ ، هڪ ڀاڳيو ۽  ٻه چور زخمي ، پوليس کي اطلاع ، ڀاڳيو ۽ چور اسپتال داخل ، خبر موجب گذريل رات نامعلوم چور دايا برادري جي ٻن گهرن امداد ۽ غلام علي دايو جي گهرن ۾ داخل ٿي گهرن ۾ بيٺل ٻه مينهون ۽ چار وڇيرون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻين سجاڳ ٿي پيا ، جنهن بعد ڀاڳين پوليس کي اطلاع ڏئي چورن جو پيڇو ڪيو ته فائرنگ ٿي پئي ، هڪ ڪلاڪ جي فائرنگ ۾ گهرڌڻي فدا حسين دايو کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳڙهي ياسين پوليس ۽ ڀاڳين جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه چور زخمي ٿي پيا ، هوڏانهن ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين عبيدالرحمان ڌاريجو ٻڌايو ته نوشهرو ابڙو ۾ دايا برادري جي گهرن ۾ چور مينهون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  ته ڀاڳيا سجاڳ ٿي پيا جنهن جو اطلاع ملڻ بعد چورن جو پيڇو ڪيو ته فائرنگ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه چور جن جي سڃاڻپ سعيد لولائي ۽ ڪليم عرف ڪلو ڪلهوڙو طور ٿي جن کي پوليس زخمي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻو اسپتال داخل ڪرايو آھي ، جڏهن ته پوليس ۽ ڳوٺاڻن چوري ٿيل مال واپس ڪرايو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

لکي ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جو ڪيس، يوسي سيڪريٽري گرفتار

لکي غلام شاھ(رپورٽ نديم جان مهر)لکي غلام شاھ لڳ رڪ جي يوسي سيڪريٽري مٿان ماڙي پوليس جي ڪاروائي ڪتا مار ڪيس ۾ گھربل يوسي سيڪريٽري آغا جميل پٺاڻ کي ٽن ٿاڻن جي پوليس گرفتار ڪري ماڙي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو سندس مٿان ٽن ٿاڻن جا ڪيس داخل اٺن ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻايو ويو، سيڪريٽري مٿان ڪتن ڏاڙھڻ جا ڪيس داخل ھئا ايس ايڇ او ماڙي سيد وريل شاھ(خبر موجب)لکي غلام شاھ لڳ رڪ جو يوسي سيڪريٽري آغا جميل پٺاڻ 8 ڪيسن ۾ روپوش جوابدار طور گرفتار ياد رھي ته يوسي سيڪريٽري مٿان ماڙي ٿاڻي لکي غلام شاھ، جھلي ڪلواڙي ٿاڻو، شريف خروس ٿاڻو ماڙي ٿاڻو جا ڪيس ظاھر ڪري گرفتاري ماڙي ٿاڻي تي شو ڪري ڇڏي جڏھن ته سيڪريٽري آغا جميل پٺاڻ مٿان جيڪي به ڪيس ڄاڻايا ويا آھن . جن ۾ ڇتن ڪتن کي نه مارڻ ۽ مختلف ڳوٺاڻن کي ڪتي ڏاڙھڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن ٻئي طرف ماڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او سيد وريل شاھ ٻڌايو ته سيڪريٽري آغا جميل مسلسل ڪوڙ ھڻندو رھيو ته مان معاملو حل ڪيو آهي ۽ ڪيسن جي ضمانت ڪرائي آھي پر اھو انجو ڪوڙ نڪتو آخر شڪارپور عدالت سڳوري مان جاچ ڪئي سين ته جميل روپوش ھيو جنھن کي گذريل ڏينھن وڏي ٽڪنڪ سان گرفتار ڪيو آھي ھن چيو ته ٻين سيڪريٽرين مٿان ڪيس داخل آھن جن کي به ھر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو اسانکي سنڌ ھاء ڪورٽ جو حڪم آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.