لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٻن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پاران پنهنجي پيارن جي  تصويرن وارا بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبدالڪريم ٽڳڙ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي ۽ 3 آگسٽ 2018ع تي شهر ايوب ڪالونيءَ مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته پيارن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان انتهائي پريشان ٿي ويا آهيون، جڏهن ته نوجوانن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري اعليٰ اختيارين کي اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو هن وقت تائين اسان جي احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. هنن چيو ته اسان جا نوجوان ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث نه آهن ۽ نه ئي وري سندن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، پر تنهن جي باوجود به هو کين قيد ڪاٽي رهيا آهن، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. احتجاج ڪندڙن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪري اسان ۾ ڇانيل بيچئني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.