ٽنڊي محمد خان لڳ نوجوان گم،اغوا جو شڪ

ٽنڊومحمدخان( ڊ ر ) ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ محمد عرس دستي مان 20 سالا نوجوان لياقت علي دستي پراسرار نموني گم، سندس  پيرسن والد حسين بخش دستي ٽنڊومحمدخان ۾ احتجاجي ڪندي دانهيندي چيو آهي 25 ڏينهن اڳ سندس نوجوان پٽ لياقت علي دستي گهر نڪري مزدوري لاءِ ويو  هوجيڪو 25 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود گهر نه پهتو آهي سندس پيرسن والد جو چوڻ آهي ته هو آبادگار ٿاڻي جي حد ۾ ڪم ڪندو هو  جيڪو25 گذرڻ باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي، اسان غريب مسڪين آهيون اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمي نه آهي پر اسان شڪ آهن ته کيس ڪٿي ڪنهن اغوا نه ڪيو هجي يا واري قتل نه ڪيو هجي، هن اعلي! اختيارين ڊي آئي جي حيدر آباد ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان کي اپيل ڪئي آهي ته سندس نوجوان پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.