چڪ لڳ ڪارنهن جرڳو ڪري سڱ چٽي ڏيندڙ وڏيرو ۽ سندس ڀاءُ گرفتار

لکي غلام شاھ(رپورٽ: نديم جان مهر)چڪ لڳ ڪارنهن الزام ۾ سنڱ چٽي ۽ 15 لک ڏنڊ مقرر ڪرڻ وارو مامرو، ايس ايس پي شڪارپور پاران نوٽيس وٺڻ بعد چڪ لکي دائم ملڪ ماڙي بچل ڀيو سميت مختلف  ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ مٺل خان ڪرسي جتوئي لڳ چڙھائي، جرڳائي چڱو مڙس ڀاء سميت گرفتار،ڳوٺ مومن ڪرسي تي ڇاپو گهربل جرڳائي فرار ٿي ويا.ايس ايس پي شڪارپور پاران سنڱ چٽي طور ڏنل ناري پيش ڪرڻ جي هدايت (تفصيل موجب)چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺل خان ڪرسي ڀرسان گهر پنهنجا ۾ ڪارنهن الزام جو جرڳو ڪري الزام هيٺ آيل نوجوان علي حسن پٽ علي گل ڪرسي جتوئي مٿان سنڱ چٽي ۾ نوجوان ڀيڻ جو سنڱ ۽ 15 لک ڏنڊ مقرر ڪرڻ واري مامري جو ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا پاران نوٽيس وٺڻ بعد چڪ لکي غلام شاھ ماڙي دائم ملڪ بچل ڀيو ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او چڪ جي اڳواڻي چڙھائي ڪري جرڳائي چڱي مڙس ميول خان عرف ماهيوال ڪرسي جتوئي ۽ سندس ڀاء ميران بخش ڪرسي جتوئي کي گرفتار ڪري چڪ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.  جڏھن ته پوليس جي ڳوٺ مومن ڪرسي تي چڙهائي ڪري جرڳو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي گهربل ماڻھو فرار ٿي ويا ،ٻئي طرف ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا پوليس کي هدايت ڪئي آھي ته سنڱ چٽي طور ڏنو ناري عائشه ڌيء علي گل ڪرسي جتوئي کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ،هوڏانهن ايس ايڇ او چڪ غلام مصطفىٰ ابڙو جو چوڻ آھي ته جاچ ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.