ميرپور ماٿيلي ۾ دڪان تي حملو، رقم ۽ سامان ڦر، احتجاج

ميرپورماٿيلو(ن ع آ) ميرپورماٿيلو ۾ مھر برادري جي جوابدارن خلاف ڪلھوڙو برادري پاران احتجاجي مظاھرو ڪري علي رضا ڪلھوڙو ۽ بھادر ڪلھوڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،ان موقعي تي  مظاھرين دانھيندي چيو ته سندن سئوٽ الھوڌايو ڪلھوڙو پاران ذوالفقار مھر ۽ درمحمد مھر کان 10 لک جون موٽرسائيڪلون وياج تي ورتيون ھيون، جنھن جا اسان سئوٽن گڏ ڪري وياج ۽ مول جا کين 30 لک کان وڌيڪ ادا ڪري چڪا آھيون، ھنن الزام ھڻندي چيو ته ڄاڻايل بااثر ڪرمنل ماڻھو آھن،وياج خوري سان گڏ جووا ٽڪري ۽ بڪين جو ڌنڌو اٿن، ھاڻ ڄاڻايل بااثر جوابدارن  بليڪ ميلنگ شروع ڪندي 30 لک ٻيا اوڳاڙڻ لاء ذوالفقار مھر، در محمد مھر ۽ شمس مھر سميت 20 کان وڌيڪ ھٿياربندن سيمنٽ ڊيلر علي رضا ڪلھوڙو جي شاپ تي حملو ڪري کانئس دڪان جا 5 لک روپيه روڪ، 2 موبائيل فونون ۽ صحيح ٿيل ٻه چيڪ بڪس ڦري ورتا ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا،ھنن وسوارن کان جوابدارن خلاف ڪاروائي ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو،ٻي طرف ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي علي رضا جي فرياد تي مھر برادري جي 6 سڃاتل ۽ 10 اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان اين سي داخل ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.