باهو کوسي ۾ بدامني، چوريءِ جون 2 وارداتون، پوليس خاموش

باهو کوسو (ن ع آ)باهو کوسي ۾ نامعلوم چورَن ڳوٺ تڱيا خان کوسو ۾ به چورن هاري بشير بنگلااني جي گهر ۾ گهڙي ڀلوڙ  مينهن ڪاهي ويا،  چوران رات جي انڌيري جو فائدو کڻندي چورَ آساني سان فرار ٿي ويا. ڳوٺ مهراب کوسو ۾ نامعلوم هٿياربندن نوجوان شمس الدين نندواني کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. ياد رهي ته باهو کوسو ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڪجھ ڏينهن اندر چورين ,ڦورون جي وارداتن جو تعداد4کان مٿي ٿي ويو.  علائقي واسين ايس ايس پي جيکب اباد کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.