ملان نصيرالدين ۽ اسان جو عوام

ڄام صنم سنڌي

قصا، ڪھاڻيون، واقعا، پھاڪا ۽ چوڻيون اھي سڀ لوڪ ادب سان وابسته شيون سماج ۾ موجود ڪنھن نه ڪنھن شي ڏانھن اشارو ڪنديون ۽ خود به ڪنھن واقعي يا وارتا سان تعلق رکندڙ ھونديون آھن جيڪي اسان کي آکاڻيءَ جي صورت ۾ ڪونه ڪو درس يا پيغام ڏينديون آھن.

پنھنجي ملڪ جي عوام جو سوچيندي مونکي ملان نصيرالدين جي خطبي جو ھڪ قصو ياد اچي رھيو آھي ”ھڪ ڏينھن ڳوٺ جي ماڻھن ملان نصيرالدين کي خطبي جي دعوت ڏني ملان دعوت تي جمعي جي ڏينھن خطبي ڏيڻ لاءِ آيو منبر تي چڙھي ڏٺائين ته سڀ ماڻھو ٻڌڻ جي خيال کان غافل ۽ سست ويٺا آھن اھو حال ڏسي ملان سوال ڪيو ته: ڀائرو اوھان کي خبر آھي ته اڄ مان ڇا چوڻ وارو آھيان؟ سڀني جواب ڏنو نه. ملان چيو اھڙن کي مان ڇا ٻڌايان جن کي ڪا خبر ئي ناھي ائين چئي منبر تان لھي ھليو ويو ڳوٺ وارن کي ڏاڍي مٺيان لڳي صلاح ڪري کيس وري دعوت ڏنن ملان دعوت قبوليندي جمعي جو خطبو ڏيڻ لاءِ آيو ويٺلن جي غفلت واري وري ساڳي حالت ڏسي ساڳيو سوال ڪيائين ته: حاضرين توھان کي خبر آھي ته اڄ مان ڇا چوڻ وارو آھيان؟ حاضرين جواب ڏنو ”ھا“ ملان چيو اھڙن حاضرين جن کي سڀ خبر آھي انھن کي مان ڇا ٻڌايان؟ ائين چئي منبر تان لھي ھليو ويو ڳوٺ وارن کي ڳڻتي وڪوڙي وئي ته ھي ڇا؟ ملان ته اڄ به ڪجهه نه ٻڌايو ۽ ھليو ويو سو ھن ڀيري سوچ ويچار ڪري کيس دعوت ڏنائون ملان دعوت قبول ڪئي. اڳلي جمعي تي خطبي لاءِ منبر تي چڙھيو ڏٺائين ته حالت اڃان به ساڳي آھي سو وري اھو ئي سوال ڪيائين ته اوھان کي خبر آھي ته اڄ مان ڇا چوڻ وارو آھيان؟ ڳوٺ وارن اڄ ڪجهه تياري ڪئي ھئي سو اڌ حاضرين جواب ڏنو ” ھا“ ۽ اڌ جواب ڏنو ”نه“ ملان جواب ڏنو ته جن کي خبر آھي اھي انھن ماڻھن کي ٻڌائين جن کي خبر ناھي، ائين چئي منبر تان لھي ھليو ويو“.

مان سوچيان پئي اسان جي عوام جي حالت به ملان جي حاضرين واري آھي اسان مان اڪثريت کي ته پنھنجي حقن جي خبر ئي ناھي، پنھنجي طاقت جو اندازو ئي ناھي ۽ جن کي خبر آھي اھي ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ تيار ناھن يا وري سندن ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي اھو ئي سبب آھي جو خوابِ غفلت ۽ بي خبري جي سزا اسان کي ھر حڪمران وٽان حقن جي استحصال، بنيادي سھولتن جي اڻاٺ، قانون ۽ انصاف جي عدم فراھمي ۽ بيوقوف بنائڻ جي صورت ۾ ملندي رھي آھي مذھبي، سماجي ۽ سياسي قوتون اسان سان ملان نصير واري جٺ ڪنديون آيون آھن انھن سڀني عوام کي پنھنجي مقصدن، مفادن ۽ مطلبن لاءِ استعمال ڪرڻ واري مھري کان وڌيڪ ڪڏھن به ڪا حيثيت ناھي ڏني حالانڪه عوام انھن آڱرين تي ڳڻڻ وارن جو محتاج ڪڏھن به ناھي پر تڏھن جڏھن ”ھا“ ۽ ”نه“ جي ٻڏتر مان نڪري پنھنجي اجتماعي ايڪتا جو احساس ڪرڻ لڳندو، جڏھن پنھنجي بنيادي، قومي، قانوني، اخلاقي، سماجي، مذھبي ۽ انساني حقن جي لتاڙ کان آگاھ ٿي پنھنجي ھر حق جي خبر ۽ سمجهھ رکندو،

جڏھن عوام پنھنجي حقن جي  حفاظت ڪندڙ خيرخواھن کي سڃاڻي انھن جو انتخاب ڪرڻ لڳندو، جڏھن عوام کين اھميت ڏيندڙن، سندن راءِ جو احترام ڪندڙن،کين سگھارو ۽ خوشحال بنائيندڙن جي سڃاڻ ڪري پنھنجي حقن ۽ مفادن وٽان صحيح، سٺا سوچ سمجھه، عقل ۽ شعور وارا فيصلا ڪري غفلت ۽ بيخبريءَ جي ننڊ مان سجاڳ ٿي ھر ان ٻهروپ کي سڃاڻڻ لڳندو، جيڪو کين ملڪي، قومي، قانوني ۽ سندن انساني حقن کان بيخبر رکڻ، کين گمراھ ڪرڻ يا منڌل رکندي ملان نصير وانگر خطبن جي دعوت قبولي کين روز ساڳي حالت ۾ ڇڏي ھليا ٿا وڃن پنھنجي حالت مٽائڻ لاءِ عوام کي آگاھي، شعور ۽ سجاڳيءَ کان ڪم وٺڻو پوندو نه ته سندن حالت به ساڳي ملان جي حاضرين واري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.