ميان صاحب ڀرسان پرڻيل عورت اغوا، چڙهايون، 5 ڄڻا گرفتار

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان شادي شده ٻن ٻارڙن جي ماءُ عورت مبينا طور اغوا ، 6 جوابدارن تي ڪيس داخل ، جوابدارن جي گرفتاري لاء پوليس چڙهايون 5 شڪي گرفتار ،تفصيل موجب :  ميان  صاحب ٿاڻي جي ڳوٺ لائق شاهہ لاڙي واسڻ شادي شده ٻن ٻارڙن جي ماءُ عورت مسمات راشدا زال محمد قاسم جتوئي جي مبينا طور اغوا ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس سندس ڏير اربيلو جتوئي پاران  عبدالرزاق شر سھراب شر ، علي گوھر ۽ 3 اڻ سڃاتل جوابدارن سميت  شر برادري جي 6 جوابدارن خلاف رات دير سان اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن بعد ميان صاحب پوليس جوابدارن جي گرفتارين لاء مختلف جاين تي چڙهايون ڪري شڪ جي بنياد تي شر برادري جي 5 ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.