مڪلي جي سول اسپتال ۾ غير معياري دوائون استعمال، سرجن به غير حاضر

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي/ شبير ڀٽي)  ٺٽي ضلعي جي مک صحت مرڪز سول اسپتال مڪلي ۾ سھولتن جو فقدان، دوائن جي کوٽ. مقامي ايم پي اي جي وزيراعليٰ کي شڪايت، 3 رڪني جاچ ڪميٽي  قائم، ٽيم اسپتال پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي، ڇرڪائيندڙ انڪشاف. ٺٽي ضلعي جي سڀ کان وڏي صحت مرڪز سول اسپتال مڪلي ۾ مريضن کي صحت جون سھولتون نہ ملڻ توڙي مسلسل دوائن جي کوٽ خلاف ٺٽي مان چونڊيل ايم پي اي سيد رياض شاھ شيرازي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي لکت ۾ شڪايت ڪئي، جنھن تي وزيراعليٰ سنڌ 3 رڪني جاچ ڪميٽي مقرر ڪندي جلد رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران قائم ڪيل 3 رڪني صحت کاتي جي انڪوائري ٽيم صحت کاتي حيدرآباد جي ڊويزنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نظير ۽ ڊاڪٽر رخسانہ سول اسپتال مڪلي ٺٽو پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي، جاچ دوران ٽيم ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو آھي تہ سول اسپتال مڪلي ۾ غير معياري دوائون استعمال ٿي رھيون آھن، جاچ ٽيم پاران سول اسپتال ٺٽو جي اسٽور روم سميت مختلف شعبن جو دورو ڪري دوائن بابت رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، جنھن تحت سماجي اداري مرف جي نگراني هيٺ هلندڙ سول اسپتال ٺٽو سميت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي صحت مرڪزن ۾ دوائن جي کوٽ بدانتظامي ۽ وڏي پئماني تي ڪرپشن بابت شڪايتن تي جانچ ٽيم سول اسپتال ٺٽو سميت مختلف اسپتالن جي دوري تي پهتل آھي، ماهر ڊاڪٽرن جي ايمرجنسي ۾ مقرر نه هجڻ باوجود رڪارڊ ۾ سندن مقرري هجڻ جو به انڪشاف سامهون آيو

اسپتال بابت جاچ رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪئي ويندي: ٽيم

ٺٽو: صحت کاتي حيدرآباد جي ڊويزنل ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نظير احمد ۽ ڊاڪٽر رخسانہ چنڙ  تي  مشتمل صحت کاتي جي جاچ ٽيم پاران ابتدائي جاچ دوران مرف اين جي او پاران غير معياري دوائون خريد ڪرڻ ۽ اڪثر شعبن ۾ زندگي بچائڻ واريون دوائون ۽ انجيڪشنون نه هئڻ جي انڪشاف سميت هلندڙ جاچ دوران ڳورهاري عورتن جي ويم لاء ناڪاره انجيڪشنون ۽ غير معياري دوائون فراهم ڪرڻ ۽ دل جي پٽي اِي سي جي ڪڍڻ لاء اِي سي جي رول به اسپتال ۾ نه هجڻ جو جانچ ٽيم انڪشاف ڪيو آھي، مرف اين جي او پاران سول اسپتال ٺٽو ۾ ايمرجنسي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاء ايمرجنسي شعبي ۾ سرجن، ارٿوپيڊڪ سرجن سميت ماهر ڊاڪٽرن جي ايمرجنسي ۾ مقرر نه هجڻ باوجود رڪارڊ ۾ سندن مقرري هجڻ جو بہ انڪشاف ڪيو ويو آھي، صحت کاتي جي جوڙيل 3 رڪني ڪميٽي جو چوڻ آھي تہ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي مرف اين جي او جي بدانتظامي ۽ دوائن جي کوٽ بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جاچ مڪمل ڪري حتمي رپورٽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين ۽ وڏي وزير کي اُماڻي ويندي.

ٺٽي ۾ اسپتالن ۾ سهولتن جي اڻهوند جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافي تي حملو

ٺٽو: وزيراعليٰ سنڌ جي انسپيڪشن ٽيم جي دوري دوران مرف اين جي او جي سيڪيورٽي عملدارن جو رپورٽنگ ڪرڻ تي صحافي  مٿان حملو، جان کان مارڻ جي ڪوشش، موبائيل ڦري ورتي، رپورٽ داخل، صحافين جو احتجاج. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن جاچ ٽيم جي سول اسپتال مڪلي جي دوري دوران رپورٽنگ ڪرڻ تي مرف اين جي او جي سيڪيورٽي انچارج انور ميمڻ پنھنجي ٽيم سميت نجي ٽي وي چينل جي رپورٽر تازہ گل دراني ۽ سندس ڪئميرامين مٿان حملو ڪري سخت تشدد ڪيو ۽ جان کان مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏھن تہ سيڪيورٽي انچارج حملي دوران صحافي تازہ گل دراني کان موبائيل ڦر ڪري ورتي. اھڙي اطلاع تي ٺٽي جا صحافي مڪلي ٿاڻي تي پھچي ويا، جتي صحافين سخت احتجاج ڪندي ايس ايس پي ٺٽو کان حملو ڪندڙ سيڪيورٽي اھلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.