سنڌ ۾ وڌندڙ بدامنيءَ جو  تدارڪ ڪير ڪندو ؟

ايڊيٽوريل

سنڌ ۾ بدامني روز جو معمول بڻيل آهي، جنهن کي ڪا روڪ ٽوڪ نه آهي، پر بدامنيءَ جي حوالي سان صورتحال ان وقت ويتر انتهائي سنگين ٿي وڃي ٿي جڏهن ڪنهن خاص قسم جو ڏوهه ڪنهن هڪ علائقي ۾ ٿيڻ لڳي، جيئن ڪنڌ ڪوٽ، ڪشمور، اوٻاوڙو ۽ پنوقاعل جي علائقن ۾ ماڻهن جو اغوا، ڌاڙيلن جون پوليس سان چڪريون عام جام هونديون آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي، اسٽريٽ ڪرائم، هٿ کس، وغيره جا ڏوهه عام آهن، جڏهن ته پريس جي مختلف سيڪشن ۾ اهي خبرون پڻ اينديون رهنديون آهن ته ڪجهه علائقن ۾ نون پوليس اهلڪارن جي مقرر ٿيڻ بعد پڻ مختلف قسم جي ڏوهن ۾ واڌ اچي ويندي آهي، ان کان سواءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ علائقن جي بااثر ماڻهن پاران ڏوهي عنصرن جي پٺ ڀرائي ڪرڻ ڪري پڻ بدامنيءَ ۾ واڌ ٿيندي رهي ٿي، بدامنيءَ جي حوالي سان مختلف وقتن تي بدامنيءَ جي سرگرمين ۾ تيزي اچڻ ۽ معاشري جو امن ۽ سڪون تباهه ٿيڻ انتهائي تعجب جهڙي ڳالهه آهي. جڏهن ته سنڌ جي سمورن شهرن ۾ مختلف قسم جي ڏوهي ڪاررواين جو اوچتو ئي اوچتو وڌي وڃڻ پڻ انتهائي تشويشناڪ عمل آهي.

سنڌ ۾ گذريل مهيني ڏيڍ کان وٺي ڏوهي ڪاررواوين ۾ انتهائي تيزي اچي وئي آهي، جن ۾ موٽر سائيڪلن جي چوري ۽ ڦرجڻ، چورين ۽ ڌاڙن جون ڪارروايون ٿيڻ يا وري ڦر دوران ماڻهن کي قتل ڪري فرار ٿي وڃڻ جا ڏوهه تشويناڪ انگ ۾ ٿيا آهن، اهڙا ئي ٻه واقعا گذريل ڏينهن سنڌ جي ٻن شهرن سکر ۽ خيرپور ۾ ٿيا آهن، سکر ۾ ڦورن سکر سپر مارڪيٽ ۾ ڦر پئي ڪئي ته انهن جي مزاحمت ڪئي وئي نتيجي ۾ ڦورن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ مزاحمت ڪندڙ واپاري عمران چنو موقعي تي ئي اجل جو شڪار ٿي ويو، جنهن بعد ڦورو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن واپاريءَ جا ٻه ملازم زخمي ٿي پيا، ڦر دوران قتل جي ٻي واردات خيرپور ميرس ۾ ٿي آهي جتي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ جوابدارن شهر جي هندو واپاري ماندو مل جي گهر ۾ ڌاڙي جي نيت سان داخل ٿيا، مزاحمت ڪرڻ تي ڦورو ديپڪ ڪمار کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

مٿي بدامنيءَ جي حوالي سان جيڪي ٻه واقعا ۽ هڪ عمومي پسمنظر پيش ڪيو ويو آهي، ان جي بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ مجموعي طور تي بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خاص ڪري پوليس ڏوهن جي خاتمي بجاءِ ڏوهن ۽ ڏوهارين کي هٿي ڏيڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن معاشري ۾ ڏوهن ۾ واڌ ٿي ويندي آهي تڏهن اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته معاشرو مجموعي طور تي زوال طرف وڃڻ لڳو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ حڪومتي ۽ رياستي ادارا پڻ زوال پذير ٿيڻ لڳا آهن.

سوال هي آهي ته معاشري ۾ ڏوهه ته ٿين ٿا پوءِ انهن کي روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ ڇو نه ٿا کنيا وڃن، ان جو سادو سودو جواب هي آهي ته ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ جوڳي قانون سازي ڪرڻ ضروري آهي ۽ ايوانن ۾ اهڙي قسم جي ڪابه قانون سازي نه ٿي ٿئي جيڪا ڏوهن ۽ ڏوهارين کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري هوندي آهي، هتي اسان جو مقصد ڏوهن ۽ ڏوهارين کي ڪيئن ختم ڪجي واري سوال تي بحث ڪرڻ نه آهي پر هتي اسان جو سوال اهو آهي  موجوده وقت ۾ جيڪي ڏوهه ٿين ٿا انهن کي روڪڻ لاءِ حڪومت پنهنجو موثر ڪردار ادا ڇو نه ٿي ڪري، معاشري ۾ امن امان قائم رکڻ جي ذميواري پوليس کاتي جي آهي، ننڍڙو شهر هُجي، ڳوٺ هُجي يا وري ميٽروپوليٽن شهر هُجي اتي امن امان جي قيام جو ذمو پوليس جو آهي، جيڪو درست نموني ادا نه ٿي رهيو آهي.

هن موقعي تي اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي پوليس سنڌ کي اها گذارش ڪنداسين ته سنڌ ۾ بدامنيءَ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪي موثر ۽ جٽادار اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن معاشري ۾  سڪون ٿئي ۽ معاشرو ترقي ڪري سگهي، هوڏانهن ، هندو پنچائت  ڪميٽيءَ جي  اڳواڻ گرمک مل ۽ ٻين چيو ته هندو ڪميونٽيءَ کي ٽارگيٽ ڪري انهن مٿان حملا ڪيا پيا وڃن تنهنڪري هندو ڪميونٽي پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهي آهي اسين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪيون ٿا ته هندو ڪميونٽي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

اسين سمجهون ٿا ته سکر ۽ خيرپور جا وقعا اهڙا آهن جن ۾ ڏوهارين وڏي دليريءَ سان ماڻهن جي دوڪانن ۽ گهرن ۾ داخل ٿي ڦر جون وارداتون ڪيون آهن، جنهن مان اها ڳالهه ته صاف واضع ٿي سامهون اچي ٿي ته ڏوهارين کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مجموعي طور تي حڪومت کان ڪو ڀئُه نه آهي، اسين اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته جڏهن معاشري ۾ ڏوهارين کي نه قانون، نه سزا ۽ نه ئي قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ حڪومت جو ڪو ڀئُه ٿئي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ معاشرو پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي خوف ۾ ورتل محسوس ڪندو آهي ۽ پوءِ ڏوهن ۾ واڌ ٿيڻ اڻٽر ٿي ويندي آهي، اهڙي صورتحال ۾ نه صرف حڪومت کي تحرڪ ۾ اچي پنهنجين ذميوارن کي ادا ڪرڻ گهرجي پر ان سان گڏوگڏ اهڙن سمورن ادارن کي جيڪي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ذميوار آهن انهن جي ڪوتاهين تي انهن ادارن کان پڇا ڳڇا ڪري  هر صورت ۾  معاشري ۾ امن امان جي قيام کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن معاشرو سک جو ساهه کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.