اسٽيل مل جي برطرف ملازمن جي عورتن ۽ ٻارڙن جو چيئرمين جي گهر آڏو ڌرڻو

ملير (ڊ.ر) ؛ پاڪستان اسٽيل مل مان انتظاميا پاران نوڪرين مان برطرف ڪيل 4 هزار 544 پورهيتن جي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن پاران پاڪستان مارڪيٽ کان چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جي هائوس آڏو احتجاجي  ڌرڻو ۽ مظاهرو، مظاهرين پاران برطرف پورهيتن جي بحالي ۽ اداري کي هلائڻ لاءِ نعريبازي، ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ اسٽيل مل جي هزارين پورهيتن کي برطرف ڪري هزارين پورهيتن جي گهرن جو چلهو وسايو ويو آهي،  اسان جا معصوم ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن.  ۽ اسڪول انتظاميا فيسون نه ڏيڻ ڪري ٻارن جي داخلا تي بندش لڳائي ڇڏي آهي، هنن چيو ته اسان جي وارثن پنهنجي زندگي جا قيمتي سال اداري لاءِ قربان ڪيا آهن، جنهن جي موٽ ۾ اسان کي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ڏني وئي آهي، هنن دانهيندي چيو ته انتظاميا پاران فوري طور تي گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس پڻ ڏنا ويا آهن، ان قسم جو عمل اسان کي اجتماعي خودڪشين لاءِ مجبور ٿو ڪري، اسان هاڻي پنهنجي ٻچن کي ٻن وقتن جي ماني کارائڻ جي به پوزيشن ۾ نه رهيا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت فوري طور پاڪستان اسٽيل مل جيڪو فولادسازي جو سڀ کان وڏو ادارو آهي ان کي بحال ڪري ملازمن جي برطرفي واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي ۽ احتجاج ڪندڙن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.