هوسڙي لڳ هاءِ ڪورٽ سکر جي هدايتن تي پوليس جا ڇاپا.غير قانوني پيٽرول ايجنسيون سيل

هوسڙي ( رپورٽر)ھوسڙي  لڳ ھاءِ ڪورٽ سکر جي ھدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فھد حسين سومرو.اي سي لطيف آباد اشفاق علي منگي جو ڊي ايس پي ھوسڙي سان گڏ وڏي  پوليس نفري سان اوچتا ڇاپا ھڻي ھوسڙي ٽائون.سيري.کٿڙ ۽ ڪئيٽل ڪالوني ۾ ھلندڙ غير قانوني پيٽرول ايجنسين تي چڙھائي ڪري پيٽرول ايجنسيون سيل ڪري ڇڏيون آھن ڇاپي لڳڻ کان پھرين ايجنسي  مالڪ موقعي تان کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن  ته ڊپٽي ڪمشنر اي سي  حيدرآباد اي سي لطيف آباد مذڪوره غير قانوني پيٽرول ايجنسين کي سيل ڪري ورتو آھي.ھوسڙي 2.سيري 2 . ۽ ڪيٽل ڪالوني ۾ ھڪ ايجنسي کي  سيل ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻي پوليس جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار، لکين رپيا هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 5 مختلف قتل ڪيسن ۾ ملوث 5 جوابدارن سميت سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 15 ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار، منشيات، چوري ڪيل ڪار، موٽرسائيڪل ۽ 10 لک روپيه روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه رتوديرو پوليس نورين ڪيس جي اشتهاري جوابدار نياز احمد کي، ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس سردار بلوچ قتل ڪيس جي اشتهاري جوابدار ڪامران عرف ڪمرو شر کي، مددگار بيس ون قتل ڪيس جي اشتهاري جوابدار رفيق ابڙو کي موٽرسائيڪل سميت، علي گوهر آباد پوليس قتل ڪيس جي اشتهاري جوابدار بدرالدين مڪراني کي، نئون ديرو پوليس شوڪت کوکر قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار علي حسن کوکر کي، رتوديرو پوليس ڪار لفٽر شهزاد چاچڙ کي پسٽل، گولين ۽ ڪار سميت، مارڪيٽ پوليس گهربل جوابدار سرفراز لانگاهه کي ريوالر ۽ گولين سميت، ڪنگا پوليس اشتهاري جوابدار مٺل شر کي، سول لائين پوليس ٻن روپوش جوابدارن سڄڻ ۽ سهيل چانڊيو کي، الهه آباد پوليس روپوش جوابدار همٿ عرف صالح شيخ کي، رشيد وڳڻ پوليس روپوش جوابدار الطاف بروهي کي، ڌامراهه پوليس روپوش جوابدار يوسف ڌامراهه کي، بقاپور پوليس روپوش جوابدار جبار چهواڻ کي، دڙي پوليس روپوش جوابدار صدام ميراڻي کي، ساڳي ئي ٿاڻي جي پوليس جوابدار فهيم ڀٽو کي شراب جي 18 بوتلن سميت ۽ لاشاري پوليس روپوش جوابدار وڪيل عرف مور شر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي الهه آباد پوليس درخواست گذار سجاد تونيو جي ڏيتي ليتي جا 10 لک رپيا نظير ڪلهوڙو کان وٺي کيس ڏئي ڇڏيا آهن. پوليس موجب گرفتار جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.