حيدرآباد ۾ کاڻوٽ واسي جو ڦر خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڪوٽڙي جي ٿاڻي کاڻوٺ جي حد ڳوٺ مانجهو جي رهواسي دين محمد چاڪراڻي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 2 مهينا اڳ ڪجهه هٿياربند سندن گهر ۾ داخل ٿي سونا زيور، چاندي ۽ 8 لک روپيا روڪ چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جو فيصلو برادري جي چڱي مڙس وٽ رکيو ويو، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مخالف ڌر چوري ڪيل رقم مان 4 لک روپيا واپس ڪيا. ، جڏهن ته وڌيڪ چوري ڪيل سونا زيور، چاندي ۽ روڪ رقم واپس ڪرڻ بدران سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري  موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن ايس ايس پي ڄامشورو سميت وس وارن وارن کي مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.