مهانگائي ۽ خاموش حڪمران

ساجد ڪورائي /ميرپورماٿيلو

ڪورونا سبب ملڪ اندر لاڳيتو لاڪ ڊائون ۽ تيل جي قيمتن ۾ بار بار واڌ سبب ملڪ ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي آهي، منافعي خورن ۽ عوام جو رت چوسيندڙ ماڻهن هن عالمي وبا ۾ به عوام کي بخش نه ڪيو آهي، ڪاروبار بند رهڻ سبب منافعي خورن کي جيڪو نقصان پهتو آهي، اهو هنن عوام مان ڪڍڻ شروع ڪيو آهي، عام واهپي جون سموريون شيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿي رهيون آهن، گذريل ڏينهن اخبارن ۾ خبرون ڇپيون آهن ته کنڊ 102 رپيا ڪلو جڏهن ته گيهه جي قيمتن ۾ 40 رپين جي واڌ ٿي آهي، اٽي ۽ بيسڻ سميت سبزيون، فروٽ به 30 کان 40 سيڪڙو مهانگا ٿيا آهن، نه صرف مٿيون شيون پر عام واهپي جي شين سميت هر شيءِ ڪورونا جي هنن ڏينهن ۾ ڏهوڻ تي مهانگي ٿي آهي، مهانگائي جو هي بار عوام ڀوڳي رهيو آهي، سنڌ ۽ وفاق جا حڪمران هن مسئلي جو حل ڪڍڻ بدران پنهنجي پريس ڪانفرنسن ۽ سياسي بيانن ۾ هڪٻئي مٿان الزام هڻي پاڻ کان آجا قرار ڏيڻ ۾ مصروف آهن.

عوامي حڪومتن وٽ هميشه عوامي ڀلائيءَ جا پروگرام هوندا آهن پر اڍائي سال گذري وڃڻ باوجود وفاقي ۽ صوبائي سرڪار عوامي ڀلائيءَ جي حوالي سان ڪو به پروگرام شروع نه ڪيو، سنڌ اندر قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ هڪ مڪمل کاتو ڪم ڪري ٿو، جنهن جو وزير، سيڪريٽري ۽ ڪيترائي ڪامورا پگھارن سميت سموريون مراعتون کڻن ٿا پر ان کاتي جي ڪارڪردگي نه هئڻ جي برابر آهي، توڻي جو ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏئي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي پر اسان وٽ حساب ڪتاب ۽ پڇاڻي جو رواج گھٽ آهي، ان ڪري نه قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ واري کاتي کان ڪا پڇا ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان اهو پڇيو ٿو وڃي ته اهي پنهنجي آفيسن ۾ ويهي وقت گذارڻ بدران سندن وک پنڌ تي کليل مارڪيٽن ۾ وڃي قيمتن جي چڪاس ڇو نٿا ڪن، حڪومت ۽ ڪامورن جي انهيءَ بي حسيءَ مسڪين ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهو 2 ويلا پيٽ ڀري ماني نٿا کائي سگھن، عام واهپي جون شيون جيڪي پيدا ئي اسان جي ملڪ ۾ ٿين ٿيون، انهن جي قيمتن بابت به ڪو نظام جڙيل نظر نٿو اچي…

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.