ڪوئيٽا ۾ ناحق ڪٺل ھزارا قبيلي جي پورهيتن جو ڏوھ ڏسيو؟

ايڊووڪيٽ امر امتياز

ڪجھه سال اڳ بلوچستان صوبي جي ڪوئيٽا مستون کان ايران زيارت تي ويندڙ مومنن جي بس کي ھٿياربندن روڪي مومنن کي بس مان لاھي قطار ۾ بيھاري بيدرديءَ سان گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھيو، جنھن جي نتيجي ۾ 13 مومن شھيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا ھئا، جن جا لاش بنا ڪنھن داد جي دفن ٿي ويا، 8 آگسٽ 2016 ۾ ڪوئيٽا بار جي صدر تي دھشتگردن پاران حملو ڪيو ويو ھو ۽ ھو شديد زخمي ٿي پيو ھو جنهن کي وڪيل اڳواڻ ڪوئيٽا جي اسپتال کڻائي پھتا ته مٿان ٻيھر دھشتگردن پاران خودڪش بم ڌماڪو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ سموري بار قيادت سميت 50 کان وڌيڪ وڪيل شھيد ٿي ويا ھياايئن ڪري چئجي ته ڪوئٽيا ۾ وڪيلن جي نسل ڪشي ڪئي وئي ھئي پر ان واقعي جي حڪومت بلوچستان پاران انڪوائري ڪرائي وئي پر ان واقعي ۾ شھيد ٿيل وڪيلن جو خون پڻ ڪوئيٽا جي ڌرتي ھضم ڪري وئي لڳ ڀڳ 4 سال گذرڻ باوجود انڪوائريون فائلن ۾ بند ٿي دز جي حوالي ٿي ويون نتيجو ڪو به نه نڪتو؟

جڏھن اسان پنھنجي اوسي پاسي نظر ۾ وجھنداسين جتي  ھر طرف بدامني جي باھ دُکيل نظر اچي ٿي. ھڪ ماڻھو ٻئي ماڻھون کي نٿو سُڃاڻي يا وري سُڄاڻڻ بـ نٿو چاھي ۽ نـ ئي وري ان سان ڪو بھتر تعلق جو خواھشان آھي. اھو ئي سبب آھي جو وڃن ٿا ويڇا وڌندا جيڪي اڳتي ھلي ڪنھن هُل ھنگامي جو عين سبب بنجن ٿا. جتان مارا ماري جو ھڪ اڻکٽ سلسلو جاري ٿئي ٿو. اسان جو مُلڪ پاڪستان، پنھنجي پيدائش واري ڏيھاڙي کان وٺي مسلسل مسئلن جي ڪري پريشان رھيو آھي. پر سڀني صوبن ۾ جيترو نقصان بلوچستان جي علائقي ڪوئٽيا ۾ ٿيو آھي شايد ئي ڪٿي وھشت ۽ دھشت جو ننگو ناچ ٿيو ھجي، سون جي تعداد ۾ خاندان پنھنجي پيارن جي وڇوڙي کي اڄ به پنھنجي اندر جو وڍ سمجھن ٿا؟

ھن ملڪ جو الميو ئي رھيو ڪڏھن مھاجرين وارا مامرا، ريسورس جي اڻھوند، آبادي جي رش، توانائي جي کوٽ، اندورني توڙي بيروني ڪرپشن، بيروني دٻاءُ، سياچن توڙي لائين آف ڪنٽرول تي فوجين جي جٿن جي ڇڪڇڪان، پاڻي جي ورھاست سميت سون، ھزارن مسئلن جي چڙچڙھان ملڪي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي. انھن سڀن مامرن کان ھٽي ڪري ھن وقت جيڪو مُلڪ جو وڏو مسئلو آھي، اھو آھي بدامني وارو مسئلو جنھن ملڪ جي چيلھه چٻي ڪري وڌي آھي. ھميشه ان بدامنيءَ جو شڪار ڪوئٽيا جو عوام آلين اکين سان ھر روز جي سج کي سمھندو ڏسندو آھي. بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ هزاره ٽائون اندر پڻ دهشتگردن بارود سان ڀريل ٽئنڪر ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 81 ماڻهو مارجي ويا ھيا ۽ پوڻا ٻه سؤ ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهڙي واقعي کانپوءِ سڄي ملڪ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو آهي. بلوچستان سميت سنڌ صوبي ۾ به سوڳ ملهايو ويو ھو ۽ شهرن ۾ ڪاروبار بند رهيو. هِن واقعي کان اڳ به عملدار روڊ تي زوردار ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ سوين جانيون ضايع ٿيون هيون، انهيءَ سانحي جي ڪري بلوچستان ۾ رئيساڻي حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو ھو، پر انهيءَ سان به ڪو فرق نه پيو آهي. دهشتگرد وري به پنهنجي منصوبي ۾ ڪامياب وڃن پيا.

گذريل ڪجهه سالن کان بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ شيعا هزاره برادري تي حملن ۾ تيزي اچي چڪي آهي. بلوچستان جي صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا، مستونگ ۽ بولان ۾ فرقيواراڻي دهشتگردي جي واقعن ۾ هينئر تائين هزاره قبيلي سان تعلق رکندڙ سوين ماڻهو موت جو اجل کاڄ بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ پڻ هزارن ۾ آهي. انهن واقعن خلاف ٿيندڙ احتجاج، ساڙ ٻاڙ ۽ ڀڃ ڊاهه جي واقعن جي تسلسل هر شهري کي عدم تحفظ جي احساس ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. باوجود ان جي اختيار ڌڻين جي ڪن تي جونءِ به نٿي سُري. فرقيواراڻي دهشتگردي ۾ لاڳيتو مبتلا هزاره برادري جي عورتن ٻچن ٻڍن  جي بلوچستان اسيمبلي اڳيان احتجاجي مظاهرن ۾ پنھنجن پيارن جي وڃايل وجودن کي واپس آڻڻ لاء ڪوڪون ڪندي نه فقط چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي کي رڳو مايوس ڪندڙ قرار ڏنو بلڪه سندن نااهلي ۽ بيوسي تي نفرت جو اظهار ڪندي چوڙيون لاهي اسيمبليءَ جي گيٽ سان ٻڌي ڇڏيون ھيون. هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان فرقيواراڻي دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ هزاره قبيلي جي نسل ڪشي جي لڳاتار واقعن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍيون وينديون آھن، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي شاهراهه زرغون پھچنديون آھن. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن گورنر ۽ وزير اعظم هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪندا آھن جنھن تي  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن رڪاوٽون وجهي کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيندا آھن، آئي ڏينھن ھزارا قبيلي جي ماڻهن کي سرعام گولين جو نشانو بڻائي بي دردي سان قتل ڪيو پيو وڃي. پر انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته حڪمرانن ۽ انتظاميا طرفان انهن واقعن جو ازالو ڪرڻ بدران ھزارا قبيلي کي ٺلهيون تسليون ڏنيون پيون وڃن. دهشتگرد کليل طور هٿيار کڻي گهمي رهيا آهن ۽ ماڻهو ماري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ان جي ابتڙ اسانجا ادارا کين گرفتار ڪرڻ بدران خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهيا  آهن، جنهن جو واضح مثال آهي ته ڪوئٽيا ۾ آئي ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا شهر جي مصروف ترين شاهراهه، اسڪول، ۽ رش ڪوئلي جي کاڻن مسجدن امام بارگاھن مجلسن تي ٿيا آهن. هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي طرفان مطالبو ڪيو ويندو آھي ته فوري طور دهشتگردي جي مرڪزن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو وڃي ۽ ڪوتاهي ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. مگر سکڻ نعرن احتجاجن ۽ سينو پٽڻ کانسواء ڪجھه ڪونه آھي ٿيندو..

ھاڻ به جڏھن گذريل آچر ڏھاڙي ھزارا قبيلي جي11 جوانن کي ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪندي اغوا ڪري ۽ خاص طور تي شيعا فرقي جي جوانن کي چونڊي گولين جو کاڄ ٺاھيو ويو، صرف ايترو نه پر گوليون ھڻڻ کانپوءِ سندن سسيون ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون. اھو ظلم ۽ قيامت خيز منظر ٻڌي مان انھن لاشن کان ڪوھين ڏور ويھي ڏڪي ويو آھيان پر سوچ جي ڌارا انھن وحشي جانور نما ماڻھن جي حيوانيت جو اندازو لڳائي سگھي ٿي جن بيدرديءَ سان ھزارا قبيلي جي 11 جوانن جو منڍيون لڻي دورِ جھالت جون يادون ڏياري ڇڏيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.