حڪومت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو 

مير ذوالفقار چانڊيو

افسوس صد افسوس جو ھن وقت ملڪ جي وڏي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي چيئرمين عمران خان صاحب تي جنهن اليڪشن مھم کان وٺي وزيراعظم جي ٻن سالن جي اقتدار واري دور ۾ ھر نئين ڏينهن مظلوم عوام سان ڪوڙ ڳالھايا آهن، عوام سان مذاقن وارو رويو رکيو آهي ھر مھيني نوان نوان ڪوڙ ھڻڻ ان کان پوءِ يوٽرن وٺڻ وارو به ٻيو ڪير نه پر خود تحريڪ انصاف پارٽي ۽ ان جي ليڊرشپ آهي عمران خان صاحب اليڪشن مھم ۾ مظلوم عوام  سان جيڪي به واعدا ڪيا افسوس جو  ھڪ به وفا نه ڪري سگهيو پر اھو ضرور آهي ته انهن واعدن جي ابتڙ ڪم هن ضرور ڪيا آهن نه ملڪ مديني جي رياست بڻيو ۽ نه وري ملڪ ۾ 2 ڪروڙ نوڪريون مليون نه وري پرديس ۾ رھندڙ  پاڪستاني روزگار سانگي وطن آيا نه وري 50 لک گهر ٺاھيا ويا، نه وري ڪجهه سستائي ٿي پر ويتر ڏينھون ڏينهن ھر شيءِ جي مھانگائي ٿي رهي آهي ملڪ ۾ ھر شيءِ جو بحران چوٽ چڙھيل آهي.

اسان کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن ڪراچي سمنڊ ۾ تيل جي کوٽائي وقت عمران خان صاحب جو بيان ھليو ته ھاڻي ملڪ ۾ پيٽرول 20 روپيا ليٽر ملندو پر اھو لاعلمي ھجڻ ڪري سستو ته نه ٿيو پر افسوس جو ان کوٽائي ۾ حڪومت جا 10 ڪروڙ ضايع ٿي ويا، ان ساڳي وقت ۾ وفاقي وزير فيصل واوڍا ھڪ ٽاڪ شو ۾ چيو ته ھلندڙ مھيني حڪومت 10 ڪروڙ رپيا نوڪريون ڏيندي ملڪ ۾ نوڪرين جي بارش ٿيندي پر افسوس اھو بيان به بس عوام سان مذاق ڪرڻ جي لاءِ  ڏياريو ويو جنهن کي سال گذرڻ بعد به نوڪرين جي بارش ته نه ٿي پر ڪجهه رم جھم ته ٿئي. 10 ڪروڙ نوڪرين مان ھڪ به نوڪري ڪنهن غريب کي نه ملي سگهي وري جڏهن ملڪ ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيو يا ڄاڻي واڻي ڪرايو ويو ته پوءِ به اقتدار ۾ رھندڙ پارٽي پھرين وانگر عوام سان مذاق کل ڀوڳ ڪرڻ لاءِ  ميدان تي لٿل ھئي ھر نئين ڏينهن وفاقي ڪابينا مان ڪو وزير ميڊيا تي اچي ڪري عوام سان ڪو نه ڪو مذاق ڪري ھليو ويندو هو پر افسوس جو انهن سيکڙاٽ وزيرن کي ڪير لغام ڏيڻ وارو يا انهن کي چپ ڪرائڻ وارو ڪو سنجيدا ليڊر ناهي سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”جھڙا ڪانوَ تھڙا  ٻچا “ جھڙو ليڊر تهڙا مذاق ڪندڙ وزير مشير عوام جي مٿي ۾ لڳا آهن.

ڪجهه مھينا اڳ معزز وزيراعظم صاحب جو بيان سامهون آيو ته مھانگائي وڌي وئي آهي جنهن جو مون کي تمام  گهڻو احساس آهي ۽ منهنجي پگھار مان پوري نٿي ٿئي، ھي بيان به ڪو عوام  سان ھمدردي  يا انهن جي زخمن تي مرھم رکڻ لاءِ  نه پر ويتر مھانگائي جي عذاب ۾ ورتل عوام  سان ھڪ ٻيو مذاق ھو قانون ۾ ته بالا آفيسر کان وٺي ايم پي اي، ايم اين اي، سينيٽر، وزير، مشير، وزيراعظم ۽ صدر کي ته ايتريون مراعتون سھولتون پيڪيج مليل آهن جيڪي پوري دنيا ۾ ٻئي ڪنهن ملڪ جي ماڻهن کي نٿا ملن مطلب وزيراعظم  صاحب توهان جي وزيراعظم ھائوس جو ڪرايو مفت ۾ گيس، بجلي، پاڻي، ٽيلي فون ۽ علاج سڀ مفت آهن. ملڪي غير ملڪي دورا، مھمانن جو اچڻ وڃڻ سڀ مفت آهي ته پوءِ به توهان جي پگھار  مطابق ھڪ لک ڇھانوي ھزار مان حقيقت ۾ پوري نٿي ٿئي يا اھو به 2020 جو وڏو ڪوڙ ھو ڀلا جيڪو روزاني پنج سو مزدوري ڪندو آهي ته پوءِ آخر ان جي مھيني ۾ پندرهن ھزار مان پوري ڪيئن ٿيندي ھوندي وزيراعظم صاحب ڪڏهن انهن مزدوري ڪرڻ وارن مظلوم غريبن جي لاءِ  ٿورو سوچيو ته مھرباني ٿيندي.افسوس ته ان جو آهي ته آخر گذريل 2 سالن کان تحريڪ انصاف مظلوم عوام سان مذاق  ڇو ٿي ڪري يا ڪوڙ ھڻي مظلوم عوام  تان چٿرون ڇو ٿي ڪري ۽ اھڙا مذاق  ڪيستائين ڪندي رھندي ھاڻي تازو وري ھزارا برادري طرفان لڳل ڌرڻي ۾ وفاقي وزير ذلفي بخاري متاثرن سان ڳالهين لاءِ  پھتو ته موصوف وزيراعظم ڌرڻي متاثرن سان مذاق ڪندي چئي ٿو ته، وزيراعظم صاحب توهان وٽ اچي ته ان کي ڇا ڏيندا ؟ وري ساڳين ڌرڻيءَ متاثرن سان وزيراعظم صاحب ھمدردي ڪرڻ لاءِ  نٿو پھچي پر مٿن مذاق ڪندي بيان جاري ٿو ڪري ته، اھي ڌرڻي وارا مون کي بليڪ ميل ڪري رھيا آهن، مطلب ته ھر نئين ڏينھن وفاقي حڪومت طرفان عوام سان مذاق مسخري چٿرون ڪرڻ جو سلسلو ھلندو پيو اچي اڳ به ھن غريب عوام تي نااھل حڪمران ضرور آيا آهن پر اھڙا مذاقي مشڪرا حڪمران نه آيا آهن اڳي ڪڏهن حڪومت ۽ اپوزيشن جي سياسي ويڙھ ٿيندي ھئي ته حڪومت وڏي دل جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي وزيرن کي بيان بازي کان روڪي ڇڏيندي ھئي پر ھي پھرين حڪومت آهي جيڪا پنهنجي وزيرن کي حڪم ٿي ڪري ته اپوزيشن کي ” سر جو جواب پٿر سان ڏيو “ پر ھاڻي گهڻو ٿيو وزيراعظم صاحب ڪجهه توهان پاڻ به سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ڪابينا جي وزيرن کي سنجيدگي حقيقت پسندي سيکاريو ته عوام جي عزت ڪرڻ سکن نه ته پوءِ وري ايندڙ چونڊن ۾ عوام توهان سان اھڙو ڪجهه ڪندو جنهن جي شايد اقتدار جي نشي ۾ رھندڙ  توهان جي پارٽي کي نه خبر ھوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.