بهارو ( ن ع آ ) بهارو جي ڪچي واري علائقي گلوسيال ٿاڻي جي حد ڳوٺ لعل ڪنڀر مان گذريل رات نامعلوم چور اوطاق ۾ بيٺل 3موٽر سائيڪلون چوري ڪري فرار ٿي ويا ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ايس ايس پي پاران ڳوٺ ۾ چوڪي لاءِ 5 پوليس اھلڪار پڻ مقرر ڪيل آهن جيڪي پڻ موجود هئا، مگر سرد رات ۾ گرم بستري جو مزو وٺندي ننڊ ستل ھئا، پوليس اھلڪارن ۾ 3 ڳوٺاڻا ۽ 2اھلڪار ٻاھريان مقرر ٿيل آهن، ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن پھرين به ساڳي ڳوٺ مان پوليس ھوندي ٻن ڌار ڌار وارداتن ۾ ھڪ مينهن، ھڪ ڳئون ،گابو چوري ٿي چڪا آهن.