حيدرآباد ۾سخت ٿڌ ۾ پيارن جي آزادي لاءِ نياڻين جي بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا پاران جبري گم ٿيل  ماڻهن جي بازيابي ۽ سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري  خلاف ڪالهه 8 ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڻ گهڙي واري بک هڙتال جاري رکي وئي. ان موقعي تي  نظير کوکر، حسين ڏاهري، عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو، ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙو، شبيران آرائين ۽ ٻين بک هڙتال جاري رکي. اڳواڻن چيو ته گذريل 7 ڏينهن کان سخت سياري ۾ پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ کليل آسمان هيٺ عورتن ۽ مردن سميت احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر حڪمرانن جي ڪن تي جون به نٿي سري. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ سڀا جي نائب صدر ڊاڪٽر نذير کوکر جو چوڻ هو ته سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام سنڌي, جنرل سيڪريٽري نور باگڙي ۽ اسان جي ٻين ساٿين جو اڄ جوڊيشل ريمانڊ پورو ٿي ويو آهي, پر اسان کي خدشو آهي ته صبح جو انعام سنڌي, اي ڊي راهمون ۽ شعيب چانڊيو کي ڪورونا آئيسوليشن جو جواز ڄاڻائي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويندو, هن وڌيڪ چيو ته اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسان جي خاص دوستن سان گڏ ٻيا ڪجهه غير لاڳاپيل ماڻهو به انعام سنڌي ۽ ٻين اسيرن سان ملاقات ڪري اچن ٿا پر صرف ۽ صرف سنڌ سڀا جي اڳواڻن جي ئي سنڌي انعام ۽ ٻين سان ملاقات تي پابندي ڇو لڳائي وئي آهي 03.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.