سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 9 فوت، 1547 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 مريض فوت ٿيا جڏهن ته فوتين جو انگ 3708 تائين وڌي ويو آهي ۽  14137 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1547 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت 17250 مريضن جو علاج جاري آهي جن مان 16345 گهرن ۾، 11 آئسوليشن سينٽرن ۽ 894 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 806 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي ۽ انهن مان 82 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.. بيان موجب 1547 نون مريضن مان 1258 جو تعلق ڪراچيءَ سان آهي جڏهن ته ٻين ضلعن جي نون ڪيسن ۾ عمرڪوٽ 50، شهيد بينظير آباد 46، حيدرآباد 38، ميرپور خاص 27، ٺٽو 24، دادو 14، شڪارپور 10، ٽنڊو الهيار 8، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ سانگهڙ 7-7، ڪشمور، نوشهرو فيروز ۽ سکر 6-6، مٽياري 5، ڄامشورو 4، بدين ۽ خيرپور 3-3 ۽ لاڙڪاڻو 2 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.