ڪانگو وائرس جانورن لاءِ ته نه پر انسانن لاءِ خطرناڪ آهي: باري پتافي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي وزير عبدالباري پتافي مختلف ميمبرن پاران پڇيل لکت  توڙي ضمني سوالن جا جواب ڏيندي چيو آهي ته ڪانگو وائرس بلوچستان جي سرد علائقن ۾ هوندو آهي، جانورن کي ڪانگو وائرس سان ڪجهه ناهي ٿيندو پر انسانن ۾ اهو منتقل ٿي وڃي ته ان لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي. هن چيو ته ڪانگو وائرس کان بچاءَ لاءِ جانورن کي انجيڪشن لڳايو ويندو آهي ۽ اسپري ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪانگو وائرس ناهي پر اهو ٻين هنڌن تي منتقل ٿيندو آهي. صوبائي وزير چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان حڪومت کي چيو ويو آهي ته جانورن کي سرٽيفڪيٽ ڏئي موڪليو ٻي صورت ۾ اسان سنڌ ٻاهران جانورن کي اچڻ نه ڏينداسين. ايم ڪيو ايم ميمبر خواجه اظهار الحسن چيو ته عالمي معيار پورا نه هئڻ تي پاڪستان مان گوشت جي ايڪسپورٽ گهٽ آهي جنهن تي صوبائي وزير چيو ته جي ڊي پي ۾ لائيو اسٽاڪ جو شيئر 11 سيڪڙو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته پوري پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي ڪارپٽ ويڪسين ناهي هوندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.