حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

حيدرآباد( رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 22 نوان ڪيس سامھون آيا آھن. صحت کاتي جي اختيارين جو چوڻ آھي ته ايس او پيس تي عوام عمل نٿو ڪري جنھن سبب ڪورونا جا ڪيس حيدرآباد ۾ وڌي رھيا آھن. عوام کي گھرجي ته شھر جي بازارن ۾ خريداري ڪرڻ وقت ماسڪ جو استعمال ڪن ته جئين ڪورونا وائرس کان بچي سگھي.17

عمران نيازي پاڪستان جي معيشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: خورشيد جوڻيجو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي طرفان ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد  احمد جوڻيجو جي صدارت هيٺ تنظيم سازي جي حوالي سان نئون ديرو هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ضلعي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، انفارميشن سيڪريٽري عمران حسن جتوئي سميت تعلقي لاڙڪاڻي، رتوديرو، باقراڻي ۽ ڏوڪري جي عهديدارن توڙي پيپلز پارٽي جي ذيلي ونگن جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ضلعي صدر خورشيد احمد جوڻيجو، اعجاز لغاري، عمران حسن جتوئي ۽ ٻين چيو ته سموري ضلعي لاڙڪاڻي اندر رهيل تنظيم سازي تمام جلد مڪمل ڪئي ويندي ۽ پارٽي کي ضلعي اندر مضبوط ڪيو ويندو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب توڙي ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه تقريب ڪامياب ٿيڻ تي پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جيالن کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ڇاڪاڻ ته ڪامياب پروگرامن پويان جيالن جو اهم ڪردار هوندو آهي. هنن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا ويندا، پيپلز پارٽي جي منشور تحت عوام جي بهتر نموني سان خدمت ڪئي ويندي. هنن چيو ته هن وقت سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ۽ عمران نيازي پاڪستان جي معيشيت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ملڪ جا وفاقي ادارا تباهي جي ڪناري تي پهچي ويا آهن، اڄ عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ به پريشان آهي، ملڪ اندر مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي جنهن مان ثابت ٿي ويو ته سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ هلائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي، اسان ملڪي عوام کي خاطري ٿا ڪرايون ته تمام جلد چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ نيازي سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ۽ ملڪ ۾ حقيقي عوامي ۽ جمهوري حڪومت ايندي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم فل، پي ايڇ ڊي داخلائون

ڄامشورو (ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن ۾ ماسٽرز، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائون جاري آهن، جڏهن ته بيچلر  ڊگري پروگرام جي ميرٽ لسٽ اڄ (اڱارو) تي جاري ٿيڻ جا امڪان آهن. ڊائريڪٽر ايڊميشن غلام محمد ڀٽو موجب ماسٽر ڊگري پروگرام جي مختلف شعبن لاءِ خواهشمند اميدوار 15 جنوري 2021ع تائين آن لائين درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪوشش جاري آهي ته بيچلر ڊگري پروگرام جي ميرٽ لسٽ هڪ ٻن ڏينهن اندر جاري ڪئي وڃي. هن چيو ته ماسٽرز ڊگري پروگرامز لاءِ آن لائين درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوار فارم في 2500 رپيا ضرور جمع ڪرائين، ٻي صورت ۾ 15 جنوري 2021ع کانپوءِ هو داخلائن واري عمل کان رهجي ويندا. ٻئي طرف گريجوئيٽ اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهزاد ميمڻ موجب مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامز ۾ به داخلائون جاري آهن. خواهشمند اميدوار يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي وڃي پاڻ کي رجسٽر ڪري داخلائن لاءِ آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا. ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن جا خواهشمند ايڊميشن فارم جي پراسيسنگ في 3 هزار رپيا لازمي جمع ڪرائين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.