ڄامشورو لڳ سرڪاري زمين تان قبضا هٽائڻ لاءِ آپريشن

ڄامشورو ( ڊر ) سرڪاري زمينن تي قبضن کي هٽائڻ وري سپريم ڪورٽ جي حڪم  تي ضلعي انتظاميا ضلعي اندر سرڪاري زمينن تي ٿيل قبضن خلاف آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي  اڄ 11 جنوري کان 13 جنوري 2021ع تائين شروع ڪيل آپريشن جي پهرئين ڏينهن تي نوري آباد ويجهو جابلو علائقن جي ديهه ٻٻر بند ۾ مبينا طور تي غيرقانوني هلندڙ هائوسنگ اسڪيمن خلاف آپريشن ڪندي انهن جون بڻايل ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، ڪجهه ڏينهن اڳ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفي جي صدارت هيٺ ٿيل اعلي سطحي اجلاس ۾ سندس طرفان مليل هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولاخان غلام قادر اقبالاڻي، مختيار ڪار ٿاڻو بولا خان منصور علي ڪلوڙ اينٽي انڪروچمينٽ پوليس سان گڏجي سرڪاري زمين تان قبضا ختم ڪرايا، مليل ڄاڻ موجب ديهه ٻٻر ۾ هڪ بلڊر ڪمپني گروپ طرفان هڪ هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي مبينا قبضي خلاف ضلعي انتظاميا ڪارروائي ڪري انهن جي اڏاوتن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي ٿاڻو بولا خان جي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام قادر اقبالاڻي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي نوري آباد ۾ سرڪاري زمين تي بلڊر مافيا طرفان هڪ هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري اتي هائوسنگ اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ انهن جو اڏاوتي ڪم ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.