سنڌ هائوس ڏهاڙي دار جي روزگار جو مسئلو حل ڪيو ويندو: اسيمبلي کي خاطري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا سنڌ اسيمبلي جي ايوان کي يقين ڏياريو آهي ته /سنڌ هائوس اسلام آباد جي ڏهاڙي وارن ملازمن جي روزگار ۽ سندن حقن جو مسئلو انساني همدردي جي بنياد تي جلد حل ڪيو ويندو ڇو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ماڻهن کي روزگار ڏيڻ تي يقين رکي ٿي. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر جمال صديقي جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪيو. جمال صديقي نشاندهي ڪئي هئي ته سنڌ هائوس اسلام آباد ۾ ڊيلي ويجز ملازمن کي صرف 15 هزار رپيا پگهار ڏني ويندي آهي اتي روزانو اجرت تي ڪم ڪندڙ ملازم فوت ٿي ويو آهي، سنڌ هائوس اسلام آباد جا ملازم ڪيترن ئي مهينن کان پگهارن کان محروم آهن جنهن جيڪو ملازم وفات ڪري ويو آهي اهو ذهني دٻاءُ جو شڪار هو. پارلياماني معاملن واري وزير اهو مسئلو فوري طور حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اسان کي ملازمن جي پريشاني جو احساس آهي. ايم ايم اي جي ميمبر سيد عبدالرشيد جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾  صوبائي وزير ڪوآپريٽو ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ڪل 13 سوسائيٽيون آهن جن ۾ 6 ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪيا ويا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.