”ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ڪيو“ احسن اقبال جو شهزاد اڪبر کي چئلينج

لاهور (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر کي ڪرپشن ثابت ڪرڻ جو چئلينج ڏيندي چيو آهي ته توهان  ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاريو.لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته وزيراعظم اپوزيشن تي ڪوڙا الزام هڻڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، عمران خان جا ڪوڙ هڪ هڪ ڪري ٻاهر اچي رهيا آهن، هن عوام سان ڪيل هڪ به واعدو نه پاڙيو. هن چيو ته ن ليگ ننڍين چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، پي ڊي ايم متحد ۽ پنهنجي مطالبن تي قائم آهي، 400 کان وڌيڪ استعيفائون اچي ويون ته سڄي نظام درهم برهم ٿي ويندو.سندس چوڻ هو ته جيتري ترقي ن ليگ جي دور ۾ ٿي، ايتري ڪڏهن نه ٿي، ملڪ ۾ حقيقي تبديلي چاهيون ٿا، عوام پنهنجي ووٽ سان ثابت ڪندو ته حڪومت اعتماد وڃائي چڪي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.