مچ سانحو افسوسناڪ ، نواز شريف براڊ شيٽ خريدڻ جي ڪوشش ڪئي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان مچ سانحي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ذميوارن کي انجام تي پهچائينداسين.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مچ سانحي، سينيٽ چونڊن، فارن فنڊنگ ڪيس ۽ براڊ شيٽ معاملي تي  خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته اپوزيشن جي اليڪشن ڪميشن سامهون احتجاج جي معاملي تي به حڪمت عملي جوڙي وئي. وزيراعظم سينيٽ چونڊن بابت حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، ڪوشش آهي ته چونڊون اوپن بيلٽ سان ٿين ته جيئن ميمبرن جي خريد ۽ وڪرو نه ٿي سگهي. هن فارن فنڊنگ ڪيس بابت به حقيقتون قوم سامهون رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته مخالف ڌر جي پروپئگنڊا جو مقابلو ڪيو وڃي.عمران خان مچ سانحي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ذميوارن کي انجام تائين پهچائينداسين، اهڙا ڏوهي ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن.اجلاس ۾ وزيراعظم براڊ شيٽ جي دعويٰ کي عوام ۾ اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نواز شريف براڊ شيٽ کي به خريدڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام کي ان پروپئگنڊا بابت آگاهه ڪيو.هوڏانهن  وزير اعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد به شريڪ ٿيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات ۾ قومي سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مچ واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ مچ واقعي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.ملاقات ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي به ڳالهيون ڪيون ويون 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.