بجلي بريڪ ڊائون، عمر ايوب ۽ واوڊا کان استعيفيٰ جو مطالبو

لاهور(م ڊ) بجلي جي بريڪ ڊائون واري معاملي تي مسلم ليگ ن توانائي واري وزي عمر ايوب ۽ آبي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا جي  استعيفائن جو مطالبو ڪندي ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ن جي ايم پي اي سميرا ڪومل طرفان ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته بجلي جي ملڪ گير بريڪ ڊائون جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي.ٺهراءَ جي متن ۾ لکيل آهي ته جاچ ڪميشن ۾ بجلي ۽ پاڻي واري وزير سميت سمورن آفيسرن کي طلب ڪيو وڃي، جاچ ڪميشن فرضن ۾ غفلت ڪندڙن جو پتو لڳائي.  ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جاچ ڪميشن هڪ هفتي ۾ پنهنجي رپورٽ پبلڪ ڪري، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين وفاقي وزير عمر ايوب ۽ فيصل واوڊا فوري مستعفي ٿين.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.