جي يو آءِ ۽ رضا رباني سينيٽ چونڊن ۾ اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام پارٽي طور، جڏهن ته سينيٽر رضا رباني انفرادي حيثيت ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بليٽ ڪرائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بئنچ ڪئي .جمعيت علماءِ اسلام پارٽي طور، جڏهن ته سينيٽر رضا رباني انفرادي حيثيت ۾ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ڪرائڻ جي مخالفت ڪئي. اٽارني جنرل آف پاڪستان دليل ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ صدر طرفان موڪليل ريفرنس تي راءِ ڏيڻ جي پابند آهي، جنهن تي جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي فيصلو ڪرڻو آهي ته سوال عوامي مفاد جو آهي يا نه؟ اٽارني جنرل چيو ته عدالت ماضي ۾ به صدارتي ريفرنس ٻڌڻ جوڳا قرار ڏئي چڪي آهي، بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ جي معاملي تي به صدارتي ريفرنس آيو هو. جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017 گڏيل طور تي منظور ٿيو هو؟ ان ۾ داخل آهي ته سينيٽ چونڊ ڳجهي راءِ شماري سان ٿيندي. اٽارني جنرل چيو ته ڀارت ۾ به سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ٿينديون آهن. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو طريقي ڪار آئين ۾ داخل ناهي، آئين تحت اليڪشن جي جيڪا تشريح توهان ڪئي، ان موجب اسپيڪر جي چونڊ قانون تحت ٿئي ٿي. اٽارني جنرل چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو طريقي ڪار اسيمبلي رولز ۾ موجود آهي. چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته عدالت مجموعي طور تي جائزو وٺي ئي فيصلو ڪندي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ٿيڻ گهرجي يا نه. سنڌ حڪومت عدالتي نوٽس تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت گهريو، جنهن تي سپريم ڪورٽ صوبائي حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هڪ هفتي جي مهلت ڏني.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.