سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران چيئرمين ڪاپي رائٽ بورڊ جي مقرري جو حڪم

اچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  چيئرمين ڪاپي رائٽ بورڊ جي مقرري نه ڪرڻ  خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،ان دوران عدالت چئيرمين ڪاپي رائٽ بورڊ جي مقرري جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، عدالت ڪامرس کاتي سميت ٻين کي چئيرمين مقررڪرڻ کان پوءِ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالتي حڪم نامي جي ڪاپي قانون کاتي ۽اٿارني جنرل آف پاڪستان کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي .جسٽس محمد مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي عهدو ڪيتري عرصي کان خالي آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته 2019ع کان خالي آهي .چئيرمين ڪاپي رائٽ بورڊ هڪ رٽاٽرڊ جج هوندو آهي، عدالت چيو جج کي ڪير مقررڪندو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ڪامرس اينڊاندسٽريز کاتي جو سيڪريٽري مقررڪندو آهي .مقرري نه ٿيڻ جي ڪلري ڪاپي رائٽ جا ڪيس التواهيٺ آهن .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.