جاتي ۾ پاڻي اڻهوند خلاف آبپاشي عملدارن کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جاتي ۾ پاڻي نه ڏيڻ جي خلاف روزي خان جي درخواست تي ايريگيشن کاتي ۽ايس ڊي او سجاول  سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري جواب گهري ورتو آهي. درخواست گذار آبادگار روزي خان پنهنجي موقف ۾ چيو ته ڪيترن مهينن کان زرعي پاڻي نه ڏيڻ تي 60 ايڪڙ بصر جي فصل ۽ 30ايڪڙن تي ڪڻڪ تباهه ٿيڻ جو امڪان آهي. 30ايڪڙزمين تي ڀاڄين سميت ٻيا فصل تباهه ٿي ويندا.هن جو چوڻ آهي علائقي جي وڏيرن جي ڪري اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.