ڪراچي ۾ جهوپڙين کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ جُهڳين کي باهه، جاني نقاصان نه ٿيو. گلشن اقبال بلاڪ 10 جي علائقي ۾ واقع  عزيز ڀٽي پارڪ ويجهو خالي پلاٽ تي ويٺل لاڏائو قبيلي جي جڳهين کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائربرگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو، باهه لڳڻ سبب جُهڳيون مڪمل طور سڙي ويون جڏهن ته جُهڳين ۾ رهندڙ ماڻهو محنت مزدوري تي ويل هجڻ سبب عورتون سامان ڪڍي نه سگهيون، علائقي واسين موجب باهه جڳين ويجهو ٻوڙن کي لڳي جنهن مان وڌي پوري ٽينٽ بستي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.