آبادگارن کي ڪمند جي رهتن بابت ڪين ڪمشنرکان رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪمند جي ڪرشنگ دوران آبادگارن کي  مڪمل رهتون نه ڏيڻ خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪين ڪمشنر کان مڪمل رپورٽ گهري ورتي آهي، درخواستگذارن جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته 25فبيروري 2019ع جو عدالت کين ڪمشنر کي حڪم ڏنو هو ته سمورا معاملاڏسي پوءِ حل ڪري پر ڪجهه رقم اداڪئي وئي، 2ڪروڙ کان وڌيڪ رقم باقي آهي جنهن ۾ لنوايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.