سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) نيب سکر جي ٽيم خوراڪ کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ منور آرائين کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، نيب ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته منور آرائين خوراڪ کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۾ ملوث آهي کيس ڳجهي اطلاع تي گرفتار ڪيو ويو آهي.