لاڙڪاڻي ۾ شڪي مقابلو.اهلڪار جي قتل ۾گهربل جوابدارمارجي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي پوليس مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مارجي  ويل ڏوهاري شهيد پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث هو. رحمت پور ٿاڻي جي پوليس موجب لوهي پل ويجهو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ بهادر پٽ قربان ابڙو طور ڪئي وئي ۽ ٻه ڏوهاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، مارجي ويل ڏوهاري شهيد پوليس اهلڪار محمد رفيق بروهي جي قتل ۾ به ملوث هو. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري بهادر پٽ قربان ابڙو ڊرگھه شريف باڊهه جو رهواسي آهي. هوڏانهن مارجي ويل مبينا ڏوهاري جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين اهڙو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.