نوابشاهه جو ڊي ايڇ او بدلي، يار علي جمالي تي هراسمينٽ جو الزام لڳو هو

نوابشاهه ) رپورٽ : اڪرم چانڊيو ) ڊي ايڇ او بينظير آباد ڊاڪٽر يار علي جمالي کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي ڊپٽي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر دولت  جمالي کي ڊي ايڇ او  مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊاڪٽر يار علي جمالي کي چيف ميڊيڪل آفيسر تعلقه اسپتال قاضي احمد مقرر ڪيو ويو آهي  ياد رھي  ته فوزيه رسول اعواڻ  سندس ڀيڻ صبا رسول اعواڻ کي اڳواڻي ڊي ايچ او ڊاڪٽر بھادر کيڙو پاران مبينه ڪوڙا آرڊر ڏنا ويا جنھن بعد  بدلي ٿيل  ڊي ايچ او يار علي جمالي ڊپٽي ڊي ايڇ او امينا بروهي  انھن آرڊرن کي ڪوڙو قرار ڏيڻ جي تصديق ڪندي  قانوني قدم کڻڻ جي اختيارين کي سفارش ڪئي ھئي جنھن بعد فوزيه رسول اعواڻ  ڊي ايڇ او ۾ سرد جنگ شروع ٿي ملازم  عورت فوزيه رسول ڊي ايچ او مٿان حراسمينٽ جو الزام لڳايو ھو جنھن بعد  صحت کاتي شھيد بينظير آباد اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر نيشنل پروگرام  فوزيه رسول اعواڻ  کي ڊي جي ھيلٿ آفيس ۾  رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيوجڏھن ته ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر ڊاڪٽر امينا بروهي کي بدلي ڪري سانگھڙ رکيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.