لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جو ڪورونا دوران امتحانن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ڪورونا وبا جي دوران سالياني امتحانن جو شيڊيول پڌرو ڪرڻ واري عمل خلاف ڪاليج جي آڊيٽوريم هال ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي  هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي شاگردن دانهيو ته پوري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي نتيجي ۾ روزانو جي بنياد تي هزارين پازيٽو ڪيس اچي رهيا آهن، يونيورسٽي انتظاميه اين سي او سي جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندي 18 جنوري کان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج سکر، انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائسز گمبٽ ۾ فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ايئر جي ايم بي بي ايس بيچز سال 18-2017 ۽ 20-2019 جي سالياني امتحانن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هنن چيو ته ڪورونا سبب شاگرد اڳ ئي ذهني پريشانين ۾ مبتلا آهن ويتر يونيورسٽي انتظاميه امتحانن جو شيڊيول پڌرو ڪري اسان جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ڪورونا وائرس سبب اسان سال کان وٺي بهتر تعليم حاصل ڪري ڪو نه سگهيا آهيون ۽ نه ئي ان حوالي سان اسان جا ڪا تياري آهي پر ان جي باوجود شاگردن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. شاگردن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، يونيورسٽيز ائنڊ بورڊز کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سالياني امتحانن جو شيڊيول واپس وٺي شاگردن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.