صفوران سانحي جي جوابدار کي قتل ڪيس ۾ 50 سال قيد جي سزا

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت نيوي جي ڪيپٽن ۽ پوليس اهلڪار جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ، صفوران سانحي ۾  موت جي سزا  ٻڌايل ڪالعدم تنظيم جي سعد  عزيز ۽ ٻين تي ڏوهه ثابت ٿيڻ کان پوءِ  عدالت قتل جي ٻن ڪيسن ۾ سعد  عزيز عرف ٽن ٽن کي گڏيل طور  50 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدار کي نيوي جي ڪيپٽن ۽  پوليس اهلڪار کي قتل ڪرڻ  واري ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي، جوابدار سعد عزيز جي وارثن کي مقتولن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.