نواز شريف، ٻار ۽ سندس ٽيم سڀ ڪوڙا آهن: شهزاد اڪبر

لاهور(م ڊ) احتساب بابت وزير اعظم عمران خان جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته نواز شريف، هن جا ٻار ۽ سندس ٽيم سڀ ڪوڙا آهن. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته ماضي ۾ گذارو ٿي ويندو هو پر هاڻ ڪوڙ پڪڙيو ويندو آهي، ڪوڙ جو سلسلو پاناما کان شروع ٿيو جيڪو هن وقت تائين جاري آهي، نواز شريف گذارشن ۾ به غلط بيان سان ڪم ورتو، پاناما فيصلي ۾ به هو ڪوڙو قرار ڏنو ويو، هن پنهنجي ڪوڙ جي لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪيو ۽ قوم کي گمراهه ڪيو ته هن جي خلاف ڪرپشن تي نه پر اقامي تي فيصلو ٻڌايو ويو، جڏهن ته نواز شريف اثاثا، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ لڪائي، هن کي اقامي تي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ تي ئي ڪڍيو ويو هو، اڳوڻو وزير اعظم آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه لٿو. شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ هن جا ٻار ۽ هن جي ٽيم سڀ ڪوڙا آهن ۽ هنن قوم سان مسلسل ڪوڙ ڳالهايو، پر هاڻ شريف خاندان جي ڪوڙ جو داستان پراڻو ٿي چڪو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.