المنظر وٽ رڪشا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نوجوان فوت

ڄامشورو (ڊر) ڄامشوري لڳ حادثي ۾ نوجوان فوت ٿي ويا. المنظر ويجهو ڄامشورو حيدرآباد روڊ تي پيش آيو جتي رڪشا موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار 28 ورهين جو اسد علي مهراڻي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته 30 ورهين جو بلاول شيخ زخمي ٿي پيو، پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جتي زخمي ڄي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.03

قرباني لاءِ آن لائن ڇيلو نه ملڻ تي ڪنزيومر ڪورٽ کي درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) آن لائن قرباني ۾ فراڊ، نه گوشت مليو نه قرباني جو ٻڪر، معاملو ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ پهچي ويو، شهري جي درخواست تي ڪنزيومر پروٽيڪشن جي جج  جاويد علي ڪوريجو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، عدالت لال ميٽ اينڊ حلال وارن کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي ، جڊيشل مئجسٽريٽ  جاويد علي ڪوريجو 14 ڏينهن جي اندر لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ درخوستگذار جو چوڻ هو ته ڪورونا وائرس جي ڪري اسان قرباني جو جانور آن لائن بُڪ ڪرايو هو ، اسان انتظار ڪندا رهياسين نه گوشت آيو نه ٻڪر آيو.

ويڪسينيٽرن جي ڀرتي بابت هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شفيع صديقي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ سنڌ جي صحت کاتي ۾ هڪ هزار 733 ويڪسينيٽرز جي ڀرتين واري معاملي تي سروسز ڪراچي واري سيڪريٽري رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 55 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن جي ڀرتي خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، سروسز واري سيڪريٽري پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀرتي لاءِ 60 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي آهي، 60 سيڪڙو کان گهٽ نمبر کڻندڙن کي ڀرتي نه ڪيو ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيسٽ ۾ هڪ هزار 611 اميدوارن 60 سيڪڙو نمبر حاصل ڪيا، جڏهن ته 3245 اميدوارن 55 ۽ 5568 اميدوارن 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪري سگهيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيلٿ واري ايڊيشنل سيڪريٽري فياض عباسي جي سربراهي ۾ چار رڪني ڪميٽي انڪوائري ڪئي، اين ٽي ايس ٽيسٽ ۾ 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪن وارن اميدوارن کي ڀرتي ناهي ڪيو ويو. عدالت ڌرين جي وڪيلن کان ٽن هفتن کانپوءِ وڌيڪ دليل طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.