نيپرا جاڳي پئي، بجلي بريڪ ڊائون بابت جاچ ڪميٽي قائم

اسلام آباد (م ڊ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بليڪ آئوٽ  جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙي ويندي. نيپرا جي پڌرائيءَ موجب جاچ ڪميٽي ۾ نيپرا ۽ نجي شعبي جا ماهر شامل هوندا ۽ ڪميٽي بجلي جي تازي بليڪ آئوٽ جي سببن ۽ حقيقتن جو جائزو وٺندي، جڏهن ته ڪميٽي مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون به ڏيندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.