ٻيٽن کانپوءِ جناح، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ به وفاق حوالي

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي سرڪار ٻيٽن بعد ڳجهه ڳوهه ۾ سنڌ کان جناح اسپتال سميت ٽي اسپتالون کسي ورتيون. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد سنڌ جون 3 وڏيون اسپتالون هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق حوالي ڪيون ويون آهن. جڏهن ته سنڌ سرڪار روايتي طور خاموش آهي. ڪو به سرڪاري موقف يا اثرائتو جواب ناهي آيو. وفاقي سرڪار  ارڙهين ترميم بعد مليل ٽئي اسپتالون هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ  سرڪار کان کسي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻي ورتيون. نوٽيفڪيشن  موجب جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ وفاق حوالي ڪيون ويون آهن.  سنڌ جون ٽئي اسپتالون وفاق جي ماتحت ٿي ويون آهن. سنڌ سان گڏ لاهور جو شيخ زيد پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر به پنجاب سرڪار کان وفاق حوالي ڪيون ويون آهن.  نوٽيفڪيشن ۾ ڪابينا فيصلي جو جواز ڄاڻايو ويو، ارڙهين ترميم بعد اهي  ادارا  وفاق کان صوبن حوالي ڪيا ويا هئا.ان کان اڳ ڪراچي جون هي اهم اسپتالون حوالي ڪرڻ بابت سنڌ سرڪار ۽ وفاق ۾ اختلاف سامهون آيا هئا، سنڌ واضح طور تي چيو هو ته سنڌ جون اسپتالون ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي نه ڪيون وينديون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.